راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ڀرسان معصوم نينگر پاڻيءَ جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ راڌڻ لڳ ڳوٺ آبساڻي لاکير ۾ 12ورهين جو نينگر عبدالوسيم لاکير پنھنجي گهرن ڀرسان  پاڻيء جي کڏ  ۾ وھنجندي ٻڏي ويو، نينگر کي راڌڻ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏھن ته نينگر جو لاش گهر پھچڻ تي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا ڳوٺ آبساڻي لاکير ۾ واقعي کان پوء ڳوٺ ۾ سوڳوار ماحول ڇانيل آھي.