راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ واسي آرمي جي ميجر آيت الله جوڻيجو جي پيءُ امداد علي جوڻيجو ڀائرن حافظ سڪندر جوڻيجو، اظھر جوڻيجو ۽ سوٽ ذوالفقار جوڻيجو مٿان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي محمد بخش پٽ حضور بخش جوڻيجو جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سال اڳ ذھني توازن وڃائيندڙ 15 ورھين جي اسد علي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي جنھن ۾ فريادي جو چوڻ آھي ته منھنجو ڀاء 2021-8-22 تي گھٽي ۾ راند کيڏندي گم ٿي ويو. زميني تڪرار ۽ ذاتي رنجش سبب امداد علي جوڻيجو، ذاولفقار جوڻيجو، سڪندر جوڻيجو،اظھر جوڻيجو ۽ شميم جوڻيجو منھنجي ڀاء کي اغوا ڪيو آھي. ٻئي طرف ملير بار جي ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي ميمبر ايڊوڪيٽ مظھر جوڻيجو ٻڌايو ته منھنجي والد ۽ ڀائرن مٿان لڳايل الزام ۽ ڪيس ڪوڙو آھي، پڙھيل لکيل خاندان سان وابستا آھيون ۽ روزانو ڪورٽن ۾ اھڙا ڪوڙا ڪيس ڏسون پيا، ھن چيو ته ھڪ سال اڳ اغوا ڄاڻايل نينگر اسد علي حيدرآباد جي مينٽل اسپتال ۾ علاج هيٺ آھي جنھن جو رڪارڊ موجود آھي. ماڻھو ذاتي مفادن لاء پوليس جي اعلي آفيسرن کي استعمال ڪن ٿا. مخالفن کي ايس ايس پي ملير عرفان بھادر جي پٿڀرائي حاصل آھي جنھن خلاف اسان جا ڪورٽن ۾ ڪيس ھلي رھيا آھن. ھوڏانھن پوليس ذريعن موجب ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون پنھنجي آفيسرن سان غلط بياني ڪندي کين ٻڌايو ته ھن ڪورٽ جي حڪم تحت ڪيس داخل ڪيو آھي جڏھن ته ڪورٽ سڳوري طرفان اھڙو ڪو به آرڊر جاري نه ڪيو ويو آھي.