راڌڻ/ سيراڻي/ نيو سعيد آباد(نمائندا) راڌڻ، سيراڻي، نيو سعيد آباد ۾ ٻوڏ متاثرن احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾  راڌڻ ۾ ٻوڏ متاثرين ڊپٽي ڪمشنر دادو خلاف سيوھاڻي چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ڪري ڌرڻو ھنيو. نادر چانڊيو، عطا الله چانڊيو، لياقت چانڊيو، محمد ابراهيم، آفتاب علي  سرگاڻي دانھيو ته ڊپٽي ڪمشنر دادو طرفان ڪنھن به قسم جا انتظاميات رليف ڪمپن ۾ نه ڪيا ويا آھن ۽ ڊپٽي ڪمشنر صرف دادو شھر تائين محدود آھي باقي رليف ڪيمپن ۾ موڪليل کاڌو به بند ڪري فاقا ڪشي تي مجبور ڪيو ويو آھي. سيراڻي ۾ يونين ڪائونسل پيرفتح شاھ جي رهواسين پاران ون آر ڊرين سيراڻي سم نالي جي لفٽ سائيڊ تان گذريل برساتن سبب لڳل گهارا بند نه ڪرڻ ۽ لفٽ سائيڊ جي ڪپر مضبوط ڪرڻ لاء آندل مشين واپس ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. بشير احمد نوتڪاڻي، ڀورو خان نوتڪاڻي، مجيد مهراڻوي، اصغر خاصخيلي، سليم نوتڪاڻي ۽ ٻين چيو تہ ون آر سيراڻي ڊرين سم نالي جي مشين ذريعي صفائي کانٽي ٿي رهي آهي آر ڊي 60 کان آر ڊي 70 تائين لفٽ سائيڊ تي ٺيڪدار پاران رات  مشين خراب ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي ڪم بند ڪري مشين واپس کڻائي ويو آهي هنن چيو تہ گذريل برساتن سبب مٿي ڄاڻايل آرڊين وٽان سم نالي کي ٽن هنڌا گهارا لڳا هئا جنهن ۾ اسان جا ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا هئا سم نالي کي لڳل گهارا اڃان بند نه ڪيا ويا آهن گھارا بند ڪرائي سم نالي جا ڪپر مضبوط ڪري اسان کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي نہ تہ ٻئي صورت ۾ اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين. نيو سعيد آباد ۾ رهواسين اياز ميمڻ رشيد ڏيٿو ملھار شيدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا شاھ پنجو چونڪ کان پنج ڪلوميٽر لانگ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻوهنيو. اڳواڻن چيو ته پنج يوسيز ۾ برساتي ۽ ٽٽل سم نالي جو اٺ کان ڏھ فٽ پاڻي بيٺل آھي جنھن ڪري ھڪ سو کان مٿي ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن ۽ ھزارين گھر ڪري پٽ پئجي ويا آھن. اسان کي نه راشن کپي نه خيمو پاڻي نيڪال ڪريو ته پنھنجي اباڻي ڪکن ۾ وڃي ويھون.