راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ چونڊ سرگرميون اليڪشن جا ڏينهن ويجها ايندي ئي تيز ڪيون ويون آهن ھن سلسلي ۾ شھر کي پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي جھنڊن سان سينگاريو ويو آھي ، ٽائون ڪاميٽي راڄوخاناڻي ۽ يو سي مير احسان علي ٽالپر ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جن کي پيپلز پارٽي ۽ ايم پي اي حاجي مير الله بخش خان ٽالپر جي حمايت حاصل آهي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جن کي مير لکي خان ٽالپر جي پٽ مير حسين بخش خان ٽالپر جي حمايت حاصل آهي انھن وچ ۾ ون ٽو ون مقابلا آهن.