راڄوخاناڻي( ن پ ا )سعودي عرب ۾ راڄو خاناڻي واسي نوجوان پراسرار نموني فوت ٿيو آهي، جنهن جو لاش ڪوارٽر ٻاهران وڻ ۾ ٽنگيل مليو.ان ڏس ۾ محمد منشا آرائين جو 22 ورهين جو پٽ محمد حارث آرائين جيڪو 3 سال اڳ روزگار سانگي سعودي عرب جي شھر دمام جي اليڪٽرڪ ڪمپني مس ميڪ ۾ ويو ھو جيڪو ٽي سال معاهدو پورو ٿيڻ تي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ 25 سيپٽمبر تي واپس اچڻو ھو پر ڪالهه صبح جو سندس لاش سعودي عرب جي شھر دمام ۾ پنھنجي ڪمپني جي رھائش واري ڪالوني جي ٻاھران وڻ ۾ ٽنگيل مليو، جنهن کان پوءِ واقعو ڳجھارت بڻيل آهي، سعودي پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف سندس پيءُ محمد مشا آرائين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي پٽ رات 9 وڳي مونسان ڳالھايو ھو جيڪو بلڪل خوش لڳي رھيو ھو ۽ ھن پريشاني واري ڪا به ڳالھه نه ڪئي ھئي انھي ڪري اسان کي شڪ آھي ته اسانجي پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف نوجوان جي موت جي خبر پوڻ تي راڄوخاناڻي ۾ سندس گھر اندر قھرام مچي ويو