راڄوخاناڻي/ ٽنڊو غلام حيدر/ گلاب لغاري (نمائندن وٽان) راڄو خاناڻي، ٽنڊي غلام حيدر ۽ گلاب لغاري ۾ ٻئي ڏينهن به ثقافتي رنگ وکري پيا. ان ڏس ۾ راڄوخاناڻي شهر جي گيانچند پبلڪ اسڪول ۾ اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن پاران سنڌي ٽوپيون، اجرڪون ۽ ثقافتي لباس پائي قومي سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي ثقافتي ايڪتا جو ڏهاڙو ملهايو ويو. شاگردن سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان تقريرون ڪيون ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا جڏهن ته ڪمپيرنگ نندني لوھاڻه ۽ ماريا ٽالپر ڪئي. مس آمنا منظور سمون، حميرا، عائشه ، موھيت، رينوڪا، ونيشڪا ، فاطمه پرنسپال محمد سليم کوسو ، اسڪول اونر ديوان وجي ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪيو.  ٽنڊو غلام حيدر جي لوئرهاء سيڪينڊري اسڪول متارو خان چانڊيو ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين استادن   پاران سنڌي ٽوپيو اجرڪون پائي قومي سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي  ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو   جڏهن ته ثقافتي پروگرام  ۾ ڳوٺاڻن معززين پاران شرڪت ڪئي وئي شاگردن پاران مختلف موضوعن تي تقريرون ڪيو ٽيبلا پڻ پيش ڪيا ويا استادن نرسنگ ٺاڪر صدام حسين چانڊيو ساجد خان علي حيدر چانڊيو ۽ معززين واحد بخش رئيس مراد خان چانڊيو شرڪت ڪئي. گلاب لغاري ڀرسان ڳوٺ ذوالفقار لغاري ۾ شاندار ثقافتي پروگرام ٿيو، شاگردن، والدين ۽ استادن آصف لغاري رميش ڪمار فقير علي نواز نانگو اعجاز احمد لغاري، استاد شعيب ۽ ٻين تقريرون ڪيون.