ميرپورخاص: ميرپورخاص جي تعلقي حسين بخش مري جي يونين ڪائونسل ترڪ علي مري جي آزاد جنرل ڪائونسل ڌنراج جي حمايتن کي هيسائڻ ۽ سندس ڀاڻيجي تي منشيات فروشي جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف آزاد راڄوڻي اتحاد طرفان ذيشان مري، سيد بابو شاهه، مسعود وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هنن چيو ته مخالف حڪمران پارٽيءَ جا اڳواڻ سندن سامهون بيهڻ تي آزاد اميدوارن مٿان ڪاوڙيل آهن ۽ مختلف دٻاءُ وجهي ۽ سازشون سٽي اميدوارن کي هٿ کڻائڻ لاءِ هيسائي رهيا آهن. هنن چيو ته يوسي ترڪ علي مري جي آزاد اميدوار ڌنراج تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهو حڪمران ڌر جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي وڃي، جيڪا ڳالهه نه مڃڻ تي سندس ڀائٽئي مٿان سفينا مين پڙي رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه انتهائي شرم جوڳي آهي. هنن چيو ته نه رڳو سندن يوسي اندر پر جتي جتي آزاد اميدوار اليڪشن ۾ بيٺا آهن، اتي مختلف حربا هلائي اميدوارن کي هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ سرڪاري مشنري حڪمران ڌر جي اميدوارن جو ساٿ ڏئي رهي آهي. هنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.