راولپنڊي ٽيسٽ: آسٽريليا جا 271 رنسن تي 2 رانديگر آئوٽ

0
297
راولپنڊي ٽيسٽ

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) راولپنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا 2 وڪيٽن جي نقصان تي 271 رنسون ٺاهي ورتيون، خراب روشني ۽ برسات سبب راند روڪي وئي. ان سلسلي ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽئين ڏينهن تي آسٽريلوي اوپنرن عثمان خواجه ۽ ڊيوڊ وارنر راند جي شروعات ڪئي. ماني جي وقفي تائين آسٽريلوي ٽيم بغير ڪنهن نقصان جي 138 رنسون ٺاهي ورتيون. جنهن کانپوءِ ڊيوڊ وارنر ساجد خان جي بال تي 68 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو

جڏهن ته عثمان خواجه به 97 رنسون ٺاهي نعمان علي جي بال تي امام الحق هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ٻنهي 165 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي. آسٽريليا جا رانديگر مارنوس لبوشين ۽ اسٽو سمٿ اسڪور کي اڳتي وڌايو. آسٽريليا گڏيل طور تي 271 رنسون ٺاهي ورتيون. خراب روشني ۽ برسات سبب ٽئين ڏينهن جي راند روڪي وئي. مارنوس لبوشين 69 ۽ اسٽيو سمٿ 24 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن. واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگ ۾ 474 رنسن تي اننگ ڊڪليئر ڪئي آهي.