اسلام آباد (م ڊ) راولپنڊي رنگ روڊ جي آڙ ۾ 131 ارب رپين جي زمين جي خريد ۽ وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز موجب روڊ جي نئين الاٽمينٽ سان 50 کان ڌيڪ طاقتور ماڻهن ۽ ريئل اسٽيٽ ڊيلرز کي فائدو ٿيو، رنگ روڊ سان جڙيل ڪاروباري ماڻهن تقريبن 64 هزار ڪنال کان وڌيڪ زمين حاصل ڪئي وئي. ذريعن موجب 19 کان وڌيڪ وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، ٽئي ڊزن هائوسنگ سوسائٽيز ۽بلڊرز سڌي يا اڻ سڌي ريت فائدو کنيو، 18 اسيمبلي ميمبرن جي مجموعي طور تي 17 هزار ڪنال زمين سڌي اڻ سڌي طرح رنگ روڊ سان جڙيل آهي ۽ 17 هزار کان وڌيڪ زمين خانداني جائيداد آهي. ذريعن موجب اسيمبلي ميمبرن ۾ 2 پ پ ايم اين ايز جي 2400 ڪنال زمين به شامل آهي، 3 حڪومتي وزيرن جي تقريبن 2500 ڪنال فتح جنگ، پسوال، اٽڪ ۽ اسلام آباد مارگلا ايونيو جي زمين شامل آهي. رنگ روڊ پسوال زگ زيگ ۽ اٽڪ جي ويجهو تحريڪ انصاف جي 2 ايم اين ايز ۽ 4 ايم پي ايز جي تقريبن 1800 ڪنال زمين شامل آهي، نواز ليگ جي هڪ سينيٽر، هڪ ايم اين اي ۽ 2 ايم پي ايز جي 6000 ڪنال کان وڌيڪ زمين شامل آهي. اٽڪ لوپ جي ڀرپاسي 18 هائوسنگ سوسائٽيز 13 هزار ڪنال زمين خريد ڪري 11 ارب جو ڪاروبار ڪيو، راولپنڊي ۾ 10 سوسائٽيز ۽ ڪيترن ئي ماڻهن 24 هزار 500 ڪنال زمين مان تقريبن 50 ارب جو ڪاروبار ڪيو، اسلام آباد ۾ 8 وڏين سوسائٽيز ۽ ڪاروباري ماڻهن 10 هزار کان وڌيڪ ڪنال زمين خريد ڪري 35 ارب جو ڪاروبار ڪيو، ذريعن موجب 60 سيڪڙو سوسائٽيز غيرقانوني آهن ۽ 17 سوسائٽيز جي ذمي هڪ ارب 70 ڪروڙ جو ٽيڪس بقايا آهي، پراپرٽي ڊيلرز ۽ هائوسنگ سوسائٽيز خلاف 300 کان وڌيڪ ڪيس نيب ۽عدالتن ۾ هلندڙ آهن. جڏهن ته راولپنڊي ۽ اٽڪ ضلعي انتظاميا پاران زمين حاصل ڪرڻ جي مد ۾ ڏنل 3 ارب 50 ڪروڙ جي معاملي جي جاچ جاري آهي.