راولپنڊي انتظاميا تحريڪ انصاف کي فيض آباد انٽرسيڪشن وٽ جلسي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

0
157
راولپنڊي انتظاميا تحريڪ انصاف

راولپنڊي انتظاميا تحريڪ انصاف کي فيض آباد انٽرسيڪشن وٽ جلسي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 56 شرطن تحت پي ٽي آءِ کي هڪ ڏينهن جي جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي

 نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي آءِ کي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي 27 نومبر تي آمد سبب 26 نومبر جي رات ئي جلسي گاهه خالي ڪرڻو پوندو، عمران خان جي حياتي کي خطري سبب سندس آمد ۽ روانگي مقرر روٽس کانسواءِ ٻئي ڪنهن رستي ذريعي نه ٿيندي

 پي ٽي آءِ کي اسٽيج تي بلٽ پروف روسٽرم جو انتظام ڪرڻو پوندو، هٿيارن جي نمائش، عدليه ۽ ٻين ادارن خلاف تقريرون ڪرڻ تي پابندي هوندي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف جي سمري تي عارف علوي سان گڏجي قانوني حدن اندر کيڏندس، صدر مون سان رابطو ضرور ڪندو: عمران خان