ٽنڊوباگو(اسپورٽس نيوز) ٽنڊوباگو جي مير غلام محمد خان ٽالپر مني اسٽيڊيم ۾ سنڌ جي راندين بابت صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله، مير غلام محمد خان ٽالپر فوٽبال ٽيم جي رانديگرن سان ملاقات ڪري غلام قاسم خاصخيلي، ساجد ۽ رحمان بلوچ کان تفصيل ورتا. جنهن بعد صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله اعلان ڪيو ته ٽنڊوباگو جي تاريخي گرائونڊ تي تمام جلد شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان سنڌ ليول جي ٽورنامينٽ رکي ويندي جنهن ۾ سڄي سنڌ جي سمورن ضلعن مان فوٽبال جي ٽيمن کي گهرايو ويندو جنهن جو سمورو خرچ سنڌ جو اسپورٽس کاتو ڀريندو. هن چيو ته مير غلام محمد خان ٽالپر فوٽبال ڪلب جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا.