لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته راضپي سان زنا جي ڪيس ۾ رڳو مرد کي سزا نٿي ڏئي سگهجي، رضامندي سان ٿيندڙ عمل ۾ ملوث عورت جي مرد خلاف شاهدي تسليم نه ٿيندي. جسٽس طارق نديم زيادتي ڪيس ۾ اهم تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، 14 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ جوابدار راشد احمد جي سزا خلاف اپيل منظور ڪئي وئي. اپيل ۾ جوابدار 5 سالن جي سزا کي چئلينج ڪيو هو، جنهن تي شريڪ جوابدارن سان گڏجي عورت کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ جو الزام هو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته راضپي سان ڪيل عمل تي رڳو مرد کي سزا نٿي ڏئي سگهجي، رڪارڊ ۽ شاهدين موجب عورت پاڻ جوابدار جي گهر وئي، جتي رضامندي سان جنسي تعلق قائم ٿيو. فيصلي موجب ميڊيڪل رپورٽن ۾ به تشدد ثابت ناهي ٿيو، تنهن ڪري قانون موجب ٽرائل ڪورٽ جو رڳو اپيل ڪندڙ کي سزا ٻڌائڻ جو فيصلو برقرار نٿو رکي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته ٽرائل ڪورٽ عورت جي زيادتي جي ڪهاڻي تي يقين نه ڪيو ۽ زيادتي تحت داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ زنا جي قلمن تحت رڳو مرد کي سزا ٻڌائي، توڙي جو ايف آءِ آر ۾ زنا جي قلمن جو ذڪر موجود نه هو، ٽرائل ڪورٽ پنهنجي اختيارن جي دائري کان ٻاهر نڪرندي سزا ٻڌائي. واضح رهي ته ميانوالي جي رابعا 2011ع ۾ زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي زنا جي قلمن تحت 5 سالن جي سزا ٻڌائي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جوابدار جي اپيل منظور ڪندي کيس الزامن مان بري ڪري ڇڏيو.