راضيديرو (ن پ ا) راضيديري ويجهو لانڍيون پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظام الدين ڪلهوڙو جي لاهينءَ ڀرسان نامعلوم چور ڳوٺاڻي محمد صيفل ڪلهوڙي جي دڪان کي کاٽ هڻي تِرن جا ڀريل 5 ڪٽا ۽ بئٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا. چوري ڪيل ترن جي ماليت 8 لکن کان وڌيڪ چئي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ متاثر دڪاندار ٻڌايو ته هن وقت ترن جو في مڻ 40 هزار کان وڌيڪ اگهه ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. پنجن ڪٽن ۾ پيل 8 مڻ تر چوري ٿي ويا. پوليس جي نااهليءَ سبب وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن. هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ بدامنيءَ تي ضابطو آڻي چوري واپس ڪرائي وڃي. آخري اطلاعن تائين چوري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.