گمبٽ/ راضيديرو (نمائندن وٽان) راضيديري ويجهو لانڍيون ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ قلب جتوئي ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جتوئي ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 24 سالن جو نوجوان سڌير احمد جتوئي مارجي ويو، عورت مسمات حميده خاتون ۽ پيرسن عثمان جتوئي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ لانڍيون ٿاڻي جي ايس ايچ او ڀاڳچند اوڏ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي. اڄ ٻنهي ڌرين وچ ۾ آمهون سامهون فائرنگ جي نتيجي ۾ سڌير احمد پٽ محب جتوئي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ عورت مسمات حميده خاتون زال ظهور احمد جتوئي ۽ 60 سالن جو عثمان جتوئي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو آهي. ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي بيٺل هئڻ ڪري پوليس ٻيڙي ذريعي ڳوٺ قلب جتوئي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ گمس اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. ياد رهي ته ڄاڻايل زميني تڪرار تان ٻنهي ڌرين جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. جھيڙي سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانيل آهي. رهواسي گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ڪيترائي ڪٽنب لڏپلاڻ ڪري مختلف هنڌن تي منتقل ٿي ويا آهن. جڏهن ته جهيڙي جي خاتمي لاءِ انتظاميا ڪي به اپاءَ ناهن ورتا.