راضيديرو (ن پ ا) سنڌو درياءَ جي وهڪرن ۾ واڌ اچڻ بعد راضيديري ويجهو ڪچي ۾ ڍنڍون ڍورا ڀرجي ويا. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب درياءَ جي پاڻي ۾ واڌ اچڻ سبب راضيديري جو ڪچي وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. مختلف ڳوٺن حاجي محمد عثمان ناريجو، خانڻ ناريجو، مولا بخش ناريجو، ڪامريڊ غلام نبي ناريجو، آچر جتوئي، محمود ڪلهوڙو، مٺل ڪلهوڙو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جا لنگهه ٻڏي ويا آهن، جنهن سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ڪچي ۾ هزارين جريبن تي ڪاهيل ترن، وونئڻن، جوئر ۽ ڪمند جو فصل به پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. جڏھن ته ضلعي انتظاميا پاران ڪابه واهر نه ڪئي وئي آهي. علائقي واسين پاران سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته رپڙي بهارو راضيديرو اڳڙا بچاءُ بند جي مضبوطي لاءِ ڪم شروع ڪيو وڃي.