راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو ۽ ڀرپاسي بدامني، نامعلوم چور زرعي زمينن تان پکا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. رپورٽ موجب راضيديرو ڀرسان ڏوهن جون وارداتون وڌي ويون، گذريل رات نامعلوم چور زرعي زمينن تان ٽيوب ويلن تان پکا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. اڳڙا پوليس ناڪابنديءَ دوران مبينا چوري ٿيل سامان سميت رڪشا لوڊر تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. اڳڙا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته چور پاڻيءَ ۾ لهي فرار ٿي ويا آهن.