راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو واسي مغوي پورهيت ٻه مهينا گذرڻ باوجود واپس نه ٿي سگهيو، وارثن جو احتجاجي مظاهرو. رپورٽ موجب راضيديرو واسي مغوي پورهيت فرمان علي لاشاريءَ جي بازيابيءَ لاءِ وارثن  ڪامران لاشاري، محمد رمضان، مختيار، جاڙو لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو سندن نوجوان فرمان لاشاري ٻه مهينا اڳ اغوا ٿي ويو، جنهن جو ڏس پتو ڪنڌڪوٽ ڪشمور واري علائقي ۾ مليو آهي پر پوليس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. احتجاج ڪرڻ تي به پوليس پاران کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته مغوي پورهيت جي بازيابيءَ ۾ مدد ڪئي وڃي.