راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو لڳ ڳوٺ زهرو بڙدي واسي اکين جي نور کان محروم 6 گهرڀاتي مسيحا جا منتظر، ڪنهن به سار نه لڌي. رپورٽ موجب راضيديرو لڳ ڳوٺ زهرو بڙديءَ ۾ 6 ڄڻا امان الله بڙدي، اويس، منور بڙدي، ممتاز، محمد شريف ۽ واحد بخش بڙدي ڄائي ڄم کان اکين جي نور کان محروم بڻيل آهن. ڳوٺاڻن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڄائي ڄم کان اکين جي نور کان محروم آهيون. غربت سبب علاج به نٿا ڪري سگهون. گذر سفر ئي انتهائي ڏکيائي سان ٿئي ٿو. ڪچا اجها برساتن ۾ ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، بي يار و مددگار ويٺل آهيون. هنن ضلعي انتظاميا ۽ سرندي وارن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آهي ته سرڪاري خرچ تي علاج ۽ مالي سهائتا ڪئي وڃي.