ڪراچي: ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڪراچي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ٻانهن تي ڪاريون پٽي ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڊاڪٽر عمر سلطان جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جو وفد اسپتال پهچي ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر جي عيادت ڪئي. هنن چيو ته ڊاڪٽر کي خودڪشي لاءِ مجبور ڪندڙ راشي آفيسرن کي برطرف ڪيو وڃي .