لاهور (اسپورٽس نيوز) حارث سهيل گوڏي جي انجري جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ سندس فٽنس خدشا ڪيريئر ۾ رنڊڪ بڻيل آهن. راشد لطيف چيو ته پاڪستان کي حارث سهيل جي کوٽ محسوس ٿي. هن چيو ته حارث سهيل جي بار بار فٽنس مسئلن باوجود کيس پاڪستان جي منصوبن ۾ شامل هئڻ گهرجي.  هن چيو ته حارث سهيل کي انجري جو مسئلو هو پر پي سي بي اهڙي رانديگر کي سائڊ لائن نٿو ڪري سگهي، حارث غلطيون ڪيون هونديون پر وقت اڃا ختم ناهي ٿيو، حارث سهيل اڃا به پاڪستان لاءِ کيڏي سگهي ٿو.