ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 10 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ پاڪستان سپر ليگ جي 17هين ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بين ڊنڪ، ٽم ڊيوڊ ۽ جيمز فوڪنر جي شاندار بيٽنگ جي ڪري قلندرز 8 وڪيٽن تي 170 رنز ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ پشاور زلمي 8 وڪيٽن تي 160 رنز ٺاهي سگهي. راشد خان رڳو 20 رنز عيوض 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ مين آف دي ميچ جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪري ورتو. لاهور قلندرز پاڪستان سپر ليگ سڪس جي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪري ورتي آهي.