راج ڪندرا جي ليپ ٽاپ مان 68 پورن فلمون ۽ ٻيو فحش مواد هٿ

0
637

ممبئي(شوبز نيوز) ممبئي ڪرائيم برانچ پوليس عدالت کي ٻڌايو آهي ته ڀارتي پروڊيوسر ۽ بزنس مين راج ڪندرا جي ليپ ٽاپ مان 68 پورن وڊيوز سان گڏ ٻيو فحش مواد هٿ ڪيو ويو آهي.ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾اداڪارا شلپاشيٽي جي مڙس راج ڪندرا طرفان سندس گرفتاري کي چيلينج ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران راج ڪندرا جي درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته سندس گرفتاري ۾ مناسب طريقيڪار تي عمل ناهي ڪيو ويو، ممبئي ڪرائيم برانچ پنهنجي جواب ۾ عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن جوابدار ثبوت ڊاهڻ جي ڪوشش ڪندو ته چپ نٿا ويهي سگهون.چيف پبلڪ پراسيڪيوٽر رونا پائي عدالت کي ٻڌايو ته گرفتاري وقت سي آر پي سي جي سيڪشن 41 اي جي تحت راج ڪندرا ۽ سندس دوست ريان کي نوٽيس پيش ڪيو ويو هو جنهن کي راج ڪندرا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.ڪرائيم برانچ عدالت کي ٻڌايو ته هنن راج ڪندرا جي ليپ ٽاپ مان 68 پورن فلمن سميت ٻيو فحش مواد به هٿ ڪيو آهي، ان سان گڏ ڪندرا پنهنجو آئيڪلائوڊ اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به ڪرائيم برانچ سائبر ماهرن جي مدد سان آئيڪلائوڊ مان ڪجهه اي ميلز هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.سرڪاري وڪيل عدالت ۾ راج ڪندرا، سندس ڀيڻيوي پرديپ بخشي ٿورپي وچ ۾ ٿيندڙ واٽس ايپ چيٽ جو ذڪر به ڪيو جنهن ۾ اهي فيم نالي پليٽ فارم جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن.ان کانسواءِ ڪرائم برانچ هاٽ شاٽس نالي ملندڙ ايپ جو به ذڪر ڪيو ۽ ان حوالي سان هڪ پريزنٽيشن جو حوالو به ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي ته اها ايپ هو پنهنجي ممبئي واري آفيس مان هلائيندو رهيو آهي.