لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمرانر خان پنجاب جي علائقي راجن پو جي تڪ اين اي 193 تان ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جا نامزدگي ڪاغذ به حاصل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن عمران خان سان مقابلي لاءِ ن ليگ نوجوان چهرو سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اويس لغاري جي پٽ عمار لغاري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نامزدگي ڪاغذ عمار لغاري ۽ اويس لغاري ٻنهي حاصل ڪري ورتا آهن. اها سيٽ ڊسمبر 2022 ۾ تحريڪ انصاف جي جعفر خان لغاري جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. پ پ جي ضلعي صدر وقاص گورماڻي به نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن.