اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 راجنپور تي ٿيندڙ ضمني چونڊون ملتوي ڪرڻ واري پنجاب حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي ته اين اي 193 راجنپور ۾ 26 فيبروري تي ٿيندڙ ضمني چونڊ دوران امن جي صورتحال خراب ٿيڻ ۽ دهشتگردي جا خدشا آھن پولنگ عملي جي اغوا جو به خدشو آھي،  ان ڪري اها چونڊ  ملتوي ڪئي وڃي، پنجاب حڪومت  جي اليڪشن ڪميشن درخواست رد ڪندي اين اي 193 راجنپور تي چونڊ جاري شيڊيول مطابق ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطابق سڪيورٽي خدشن جو اظهار پنجاب حڪومت پاران ڪمشنر ڊيرا غازي خان خط لکي ڪيو هيو پر چونڊ مقرر ڏينهن تي ئي ٿيندي.