لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف کي پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جو  صدر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، راجا پرويز اشرف هن وقت چيف آرگنائيز سينٽرل پنجاب آهي ۽ قمر زمان ڪائره پ پ سينٽرل پنجاب جو صدر آهي، پيپلزپارٽي جي ذريعن موجب راجا پرويز اشرف کي عهدو ڏيڻ جو فيصلو قيادت مشاورت سان ڪيو، پ پ فيصلو ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن کان اڳ ڪيو، ذريعن موجب راجا پرويز اشرف کي پ پ کي پنجاب ۾ متحرڪ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو.