رائونتي ۾ شر ۽ ڌونڌو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 3 نوجوان مارجي ويا، هڪ زخمي

0
253
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

رائونتي(ن پ ا) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ ڌونڌو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، ٻنهي ڌرين پاران جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇائنجي ويو

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌرين جي فائرنگ ۾ ڌونڌو برادري جا 2 نوجوان مارجي ويا، جن ۾ بادل ۽ حنيف شامل آهن، جڏهن ته شر برادري جو نوجوان الاهو شر مارجي ويو ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿيو آهي

رائونتي پوليس جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن، فائرنگ شديد آهي، صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن

ھي به پڙھندا

دادو ۾ ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ترسيل عورت مڙس ۽ ڏير هٿان مبينا قتل