رائونتي (ن پ ا) رائونتي جي ڪچي ۾ عورتاڻي آواز تي اغوا ٿيل پنجاب واسي نوجوان ڌاڙيلن جي چنبي مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي ، پنجاب واسي نوجوان فيصل شاھ جيڪو عورتاڻي آواز تي ھرکجي چار ڏينهن اڳ رائونتي جي ڪچي ۾ پھتو نوجوان موجب راڻي نالي عورت رابطي ۾ ھئي جنھن سان ملڻ لاءِ ھو جڏھن پھتو ھڪ موٽرسائيڪل ان کي ڪچي کڻي وئي جتي ڌاڙيلن کيس اغوا ڪري ورتو ھن چيو ته گذريل وجهه وٺي ھو ڌاڙيلن جي چنبي مان فرار ٿي مقامي چوڪي تي اچي پھتس جتان جي پوليس سان گڏ ٿاڻي تي پھتو آھيان، نوجوان موجب ڌاڙيلن بدفعلي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۽ تنگ پڻ ڪندا ھئا ھن چيو ته ڌاڙيلن وٽ ٻيا به کوڙ ماڻھو قيد ٿيل آھن ، جڏھن ته پوليس جو چوڻ آهي ته قانوني ڪاروائي بعد نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪري نوجوان کي وارثن حوالي ڪنداسين.