رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، اي پي سي کي نقصان!

0
369

گهوٽڪي/ڏهرڪي/رائونتي(نمائندن وٽان) رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن جاري آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي

ٽائيم نيوز کي مليل تفصيلن موجب ڳوٺ قابل شر ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو هلندڙ  آهي، ڌاڙيلن هڪ اي پي سي چين تي فائر ڪري اي پي سي کي شديد نقصان پهچايو آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس جي اي پي سي خراب ٿي وئي آهي، پوليس اهلڪار اُن خراب اي پي سي ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڏوهارين جو اي پي سي کي ڪڙو ڏنل آهي

ذريعن موجب خراب اي پي سي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ واڌو اي پي سي جينز پري بيٺل آهن، پوليس جي مبينا لاپرواهي سبب سندن ئي اهلڪارن جي زندگين کي خطرو آهي

ھي به پڙھندا

گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن تيز، ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ

قمبر ويجھو زمين جي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا