رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، انعام يافته ڏوهاري سوڌو 2 ڄڻا مارجي ويا

0
363

گھوٽڪي/رائونتي، ڏھرڪي، ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، انعام يافته ڏوهاري سوڌو 2 ڄڻا مارجي ويا آھن، مارجي ويل ڏوهارين جي حاڪم عرف حاڪو ۽ آغو شر طور سڃاڻپ ٿي وئي آھي

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو دعويٰ ڪئي آهي ته حاڪم عرف حاڪو 5 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جي شهادت واري واقعي ۾ ملوث هو

ايس ايس پي موجب ڪچي ۾ آپريشن دوران مقابلي ۾ حاڪم ۽ آغو شر مارجي ويا، حاڪم شر مٿان 50 لک رپين جي انعام جي سفارش ٿيل هئي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رهندو

رائونتي جي ڪچي ۾ مارجي ويل آغو شر جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو

رائونتي جي ڪچي ۾ مارجي ويل آغو شر جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو آھي، آغو شر جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس آغو شر کي سندس ڀاءَ ايوب شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گهرائي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي

آغو شر جي وارثن موجب آغو شر مقابلي ۾ ناھي ماريو ويو، ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ان کي ماريو ويو آھي، پوليس ناحق ظلم ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

شهيد ڊي ايس پي جو فون ڌاڙيلن وٽ هجڻ جو انڪشاف