رائونتي (رپورٽ: مظهر حسين) گھوٽڪي پوليس رائونتي جي ڪچيءَ ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن تيز ڪندي 5 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس پاران آپريشن دوران ٽن ڏوهارين کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ، رات ٿيڻ بعد آپريشن بند ڪري پوليس واپس رواني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ميڊيا نمائندن کي ڄاڻ ڏيندي ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنئي ٻڌايو ته گھوٽڪي پوليس رائونتيءَ جي ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪندي 5 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڏوھارين وٽ باندي بڻيل مغوين جي بازيابي ۽ شھيد اھلڪارن جي پلاند لاءِ آپريشن تيز ڪيو ويو آھي. اڄ اسان کي وڏي ڪاميابي ملي آهي. ڪوئيٽا پشين، حيدرآباد، راجن پور، ڪوٽ مٺڻ واسين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. گهوٽڪي پوليس پارن بازياب ڪرايل مغوين ۾ ڪوٽ مٺڻ واسي سعيد احمد، مال جو واپاري ڪوئٽا واسي عصمت الله، ٽريڪٽر وٺڻ لاءِ آيل تنگواڻي واسي محمد بخش، ٽرالر خريدڻ لاءِ آيل حيدرآباد واسي خليل الرحمان ۽ عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل پشين واسي حسين احمد  شامل آهن. مغوين کي آپريشن دوران بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ هو ته ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي به تباھ ڪيو ويو آھي. پوليس ڏوھارين جي ٺڪاڻن جي خاتمي ۽ سندن گرفتاري لاءِ اڳتي وڌي رھي آهي. ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. آپريشن ۾ گهوٽڪي پوليس سان گڏ آر آر ايف ڪمانڊوز ۽ بڪتربند گاڏيون به شامل آهن. پوليس رائونتي جي ڪچي ۾ قابل شر ۽ ٻين ڳوٺن تي چڙهائي ڪئي. مغوين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته کين بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو.