رائفل جو ٽريگر دٻائڻ وقت هوشيار:هٿيار ڦاٽڻ جو خطرو

0
298

ڪينٽڪي (دلچسپ نيوز) رائفل جو ٽريگر دٻائڻ وقت هوشيار ٿي وڃو، هٿيار ڦاٽڻ جو خطرو موجود هوندو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪينٽڪي ۾ همراهه سان انوکو حادثو پيش آيو. اسڪاٽ نالي شخص پنهنجي ففٽي ڪيليبر رائفل تي تجربو ڪيو، سندس والد شوٽ آئوٽ جي وڊيو ڍاهي رهيو هو. نوجوان جيئن ئي ٽريگر دٻايو ته رائفل خوفناڪ نموني ڦاٽي پئي. رائيفل جا ڪيترائي ٽڪرا اسڪاٽ جي جسم ۾ لڳا ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو کيس ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ گزارڻا پيا. ان حوالي سان اسڪاٽ جو چوڻ آهي ته آئون موت جي منهن ۾ هليو ويو هيس، انڪري هٿيار استعمال ڪندڙ کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ٽريگر دبائڻ وقت مڪمل احتياط ڪن.