ذڪر شاهه بلاول نورانيءَ جي ميلي جو

0
81
ذڪر شاهه بلاول نورانيءَ جي ميلي جو

 بلوچستان جي لس ٻيلي ضلعي ۾، پٻ جبل جي اندر، بزرگ حضرت شاھ بلاول نوراني ابدي آرامي آهي. سندس درگاھ ڪراچيءَ کان سڌو اتر طرف، حب واري رستي سان، اٽڪل 120 ڪلوميٽر پري آهي. بزرگ جي ولادت ۽ وصال وارين تاريخن جو پورو پتو ڪونهي، البته ان جو ساليانو عرس مبارڪ، رمضان الڪريم مهيني جي 8، 9 ۽ 10 تاريخن تي، وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته، “شاھ بلاول نوراني سن 900 هجري يعني پندرهين صدي عيسوي ۾، لاهوت لامڪان ويجھو، ضلعي لس ٻيلي ۾ هميشه لاءِ ترسي پيو”. هن بزرگ جو اصل نالو “بالاچ” ۽ ذات جو “گُرگيج” هو. ڪتاب “ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا” ۾ لکيل آهي ته گُرگيج رندن، بُڙدين ۽ بروهين جو پاڙو آهي. ايران جا جڳ مشهور پهلوان رستم ۽ سهراب به گُرگيج هئا. بالاچ کي ننڍپڻ ۾ پيار مان “بِلو” چوندا هئا، جيڪو اڳتي هلي “بِلو” مان “بلاول” سڏجڻ لڳو. پاڻ پنجاب جي پاسي جو هو، جيڪو چئن فقيرن سان گڏجي هتي آيو ته پهرين حب نديءَ جي نئين تي اچي رهيو. هتي هڪ آستانو جوڙيائين، پاڻ صاحبِ ڪرامت به هو. هڪ ڪٿا موجب، انهيءَ علائقي تي گوڪل نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن سان مقابلو ڪري، شاھ بلاول نوراني اهو علائقو فتح ڪيو. ڪتاب “منڇر گورک گاج دنيا” ۾ محترم بدر ابڙو صاحب لکي ٿو ته، “گوڪل ديوَ نوراني باغ واري مٽي، ڪائِيءَ مان چَڪيءَ وانگر ڪڍي، هٿ تِريءَ تي کڻي آيو هو، پوءِ اُتي باغ ٿيو”. شاھ بلاول نوراني پنهنجو آخري آستانو “لاهوت لامڪان” ويجھو قائم ڪيو. هتي مٺي پاڻيءَ جو هڪ خوبصورت چشمو اڳ ۾ ئي وهندڙ هو، جيڪو اڃان تائين جاري و ساري آهي. لاهوت لامڪان وارو ماڳ، شاھ بلاول نورانيءَ کان به قديم ۽ پراڻو آهي، جتي ماڻهو اچي چِلا ڪاٽيندا هئا.

ڪراچيءَ کان نوراني تائين (ٿورو حصو ڇڏي باقي) سمورو روڊ سراسر سهڻو تعمير ٿي چڪو آهي. پهاڙي سلسلي ۾ جيڪي برساتي پاڻيءَ جون نئيئُون اچن ٿيون ته انهن تي به پُليون تعمير ٿي چڪيون آهن. البته چار نئيئُون اڃان اهڙيون اچن ٿيون، جن ۾ گاڏيءَ کي پاڻيءَ ۾ هيٺ لاهي، پوءِ ڪراس ڪرڻو پوي ٿو. نوراني واري رستي توڙي سسئي پنهونءَ واري واٽ ۾، ڪيتريون ئي ڪرش ڪمپنيون ڪم ڪندي نظر اينديون آهن. روڊ جي ٻنهي پاسن، جيڏانهن به نظر ڊوڙائبي ته واءُ جھلوڙي (واچُوڙي) وانگر، ڌُڌِڙ آسمان ڏانهن اُڏامندي نظر ايندي آهي.

آئون ميلن ملاکڙن، ورسين وارن موقعن، توڙي ماڻهن جي ڀيڙ، رش ۽ پيھ واري اُٻس ۾ داخل ٿي نه سگھندو آهيان. انساني انبوھ ۽ انهن جا ڪٽڪ ڏسي، منهنجو هانءُ مُنجھندو آهي. نورانيءَ جي درگاھ تي ايندي، اتفاق اهڙو ٿيو، جو جڏهن محبت فقير جي مزار تي پهتاسين ته هتي هزارين عقيدت مند موجود هئا. بسن، ڪارن، جيپن، ٽرڪن، ٽريڪٽرن ۽ ٽيڪڙن جو ته ڪو ئي ڪاٿو نه هو. هتي آيل گھڻي کان گھڻا ماڻهو پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا. سيوهڻ شريف مان حضرت لعل شهباز قلندر جي سالياني عرس مبارڪ تان موٽي، نورانيءَ جي زيارت لاءِ اچي پهتا هئا. سج لهي سانجھي ٿي چڪي هئي. پکي پنهنجا پر سوڙها ڪري، سميٽي سُمهي رهيا هئا. اسان اڃان ڀٽڪي رهيا هئاسين. منهنجن ساٿين ۾ حاجي محمد يعقوب جوڻيجو ۽ انور علي ڀنڀرو شامل هئا. اسان کي حالتن سان سمجھوتو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ئي چارو نه هو. محبت فقير جي مزار تان دعا گھري ٻاهر نڪتاسين ته هڪ ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، جنهن جي ڪنن جون چيريل پاپڙيون، هوا ۾ هيٺ لڙڪي۽ ڦڙڪي رهيون هيون، سو گڊ جو وٽيل سٽيل سڱ وڄائي رهيو هو. سڱ جي سَنهي چوٽيءَ ۾ پِتل جي پِيلي پُوپلي پوتل هئي. هُو ماڻهن جي ڀيڙ ۾ “تُوت.. تُوت.. تُوت..” ڪندو اڳتي وڌي رهيو هو. پريان دُور پهاڙيءَ تان ناد (سرھ جي سڱ) جو سُريلو آواز اچي رهيو هو؛ “گُهوڪ.. گُهوڪ.. گُهوڪ..گُهو، گُهو، گُهو، هُو، هُو، هُو” ته اسان جو ايمان تازو ٿي ويو. هاڻي هزارين ماڻهن جي ڀيڙ، پيھ ۽ رش جي درميان اسان جي ڪار، آهستي آهستي اڳتي اولھ طرف سِرڪڻ لڳي. عمران علي کوکر نهايت گھڻو صابرين ۽ ٿڌي دماغ وارو ڊرائيور آهي، جنهن اسان جي گاڏيءَ کي آرام آرام سان آڻي نورانيءَ جي درگاھ تي پهچايو. هتي پهچڻ کان پوءِ، گاڏي بيهارڻ جي جڳھ نه پئي ملي. ڪجھ علائقائي ماڻهو رسو وڪيڙي پارڪنگ ٺاهيو ويٺا هئا. جن چيو ته اندر گاڏي بيهارڻ جا 50 روپيا وٺنداسين. اسان موقعو غنيمت سمجھي، في ڏيئي گاڏي اندر بيهاري ڇڏي. پارڪنگ وارن واقفيت ڪرائيندي ٻڌايو ته، “اسان ڪلمتي آهيون”. مون فورن گل حسن ڪلمتي صاحب جو نالو کنيو ته چيائون، “گل حسن ڪلمتي صاحب کي سڃاڻون ٿا، هُو قومي ماڻهو آهي”. اسان چيو ته اسان جو پيارو پرين ۽ دلبر دوست آهي”. مون دل ئي دل ۾ چيو، ته، “گل حسن ڪلمتي صاحب اسان کي سڃاڻي نه سڃاڻي، سندس نالي جو فائدو ته وٺون”. اهڙيءَ ريت اسان کي حضرت شاھ بلاول نورانيءَ جي درگاھ جي زيارت نصيب ٿي. سندس درگاھ رنگين خوبصورت شيشن، ايراني ٽائلس ۽ سفيد سنگ مرمر سان سينگاريل آهي. درگاھ جو مکيه دروازو اوڀر طرف کلي ٿو. سندس درگاھ زيارتين لاءِ هر وقت کليل هجي ٿي. هتي عقيدت مند پري پري کان اچي حاضري ڀرين ٿا. درگاھ جي سامهون ننڍيون ننڍيون خوبصورت بازارون تعمير ٿيل آهن، جن ۾ انساني ضرورتن لاءِ هر قسم جي سامگري موجود هجي ٿي. نورانيءَ جي درگاھ تي قسمين قسمين قيمتي پٿر، نگينا، رنگين ٻُڙا، مُنڊيون، ڇلا، ٽيٽيها، تسبيحون، سُرمي پيهڻ جون ٻيڙيون، پٿر جا دنوَر، همام دستا، ٽليون، ٽَونئر، ڳانيون، ڳانا، ڳانڍيا، سريون، گُونگھرون، ڇيرون، ٽُڪرين واريون ٽوپيون، رنگين رليون، مڻڪا، ڍارا پئُون ٻارا، سنک، ڪوڏ، ڪِستا، ڪنگڻ، ڪولانبا، ڪُندريون، ڪستوري، سلاجيت، رسوَل، ماکي، جابلو جڙِي ٻُوٽيون، چنگ، سُلفيون، ڀُونگريون، هر قسم جا ڪيف، بگھڙ جي کل، ناد، هرڻ گڊ ۽ سرھ جا سڱن سُوڌا ثابت سُڪل سِر ۽ سادا سُودا سکڻا سڱ وغيره اصلوڪي حالت ۾ ملن ٿا. شاھ بلاول نورانيءَ جا فقير ڪولانبا، ڪنٺا ۽ لوها دستِ پناھ پائين ٿا. گھڻو ڪري ٽُڪرين واريون ٽوپيون مٿي تي ۽ ڪٻريون گودڙيون ڪُلھن تي رکي رُلن ٿا. ڪارا ڪِستا ڪڇ تي لٽڪائي، حيدري ڏنڊو، ڪُندري يا ناد (سرھ جي سُڪل سڱ جو ساز) هٿ ۾ کڻي هلن ٿا. “نوراني نور، هر بلا دور” جا زوردار نعرا هڻي، پنهنجي روح کي راحت بخشين ٿا.

[email protected]