ذڪر راڳي موهن ڀڳت سان اتفاقي ملاقات جو!

0
137
ذڪر راڳي موهن ڀڳت سان اتفاقي ملاقات جو!

 اونهاري جي ڏينهن ۾ جتي پاڻيءَ جي گهرج وڌي ويندي آھي ته اتي وري پاڻيءَ جي کوٽ پيدا به ٿي ويندي آھي، جنهن سبب جهنگلي جيوت کان ويندي انسان توڙي جانور به پاڻي لاءِ واجهائيندا آھن, گرم ڏينهن ۾ جڏھن اڪن جا پن ڪوچلا ٿيڻ لڳندا آھن، انبن جي ٽارين ۾ انبڙيون اڀري اينديون آھن ۽ لُڪون لونءَ ساڙڻ لڳنديون آھن، تڏھن مسافر، جانور توڙي پکي ڇانوَ ڳولهيندا آھن.

                 اونهاري ۾ جڏھن گرم لُڪ لڳندي هجي ۽ پوءِ گهاٽي وڻ جي ڇانوَ ملي وڃي، ان جو پنهنجو مزو آھي، پر جڏھن ڪو ماڻھو سفر ۾ هجي، ان کي اڃ لڳي ۽ پاڻي به نه هجي ته پوءِ ڪيڏي نه تڪليف وڌي ويندي آھي!

                 گهڻو اڳ جڏھن اسين ننڍڙا ٻار هئاسين ته شاخن ۾ واري جو پاڻي وهي ايندو هو. اسان ٻنپهرن جا ٻه ٽي پهر پاڻيءَ ۾ ھوندا هئاسين، وهنجي وهنجي اکيون ڳاڙھيون ٿي پونديون هيون. مائٽ چوندا هئا، بابا ڇڙئي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ سان بخار ايندو آھي”. پوءِ ڪڏھن ڪڏھن گهڻو وهنجڻ سان بخار به اچي ويندو هو. بخار ڇڏيندو هو ته وري اسان تلائن ۽ واٽرن جي پاڻيءَ ۾ ھوندا هئاسين. هاڻي ته واٽر ڇهه مهينا سُڪا رهن ٿا، فقط آبڪلاڻيءَ ۾ ٿورو گهڻو پاڻي اچي ٿو، جيڪو ريج لاءِ به پورو نه هوندو آھي. ھاڻي ته سنڌو درياءَ کي ڊيمن ۾ بند ڪيو ويو آھي.

صدر ايوب خان 1960ع ۾ هندستان کي ٽي نديون ستلج، بياس۽ راوي وڪڻي ڇڏيون. ان معاهدي کي انڊس بيسن ٽريٽي جو نالو ڏنو ويو. جنهن تي ڪراچي ۾ عالمي عدالت جي نمائندي، پنڊت جواهر لعل نهرو ۽ ايوب خان صحيحون ڪيون هيون. ان کان پوءِ سنڌو نديءَ تي ڊيمن جي اڏاوت جا منصوبا شروع ڪيا ويا ۽ پاڻي جي کوٽ وڌڻ لڳي.

مون کي شڪارپور جا گرم ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏھن اسان اتي رهيا پيا هئاسين. شڪارپور ويجهو جتوئين جو ڳوٺ هو. اهو ڳوٺ شڪارپور- جيڪب آباد روڊ تي جاڙا واهه اسٽاپ کان ٿورو اڳيان هو. اتان جي ماڻھن گرمين جي ڏينهن ۾ اوطاق اندر ۽ ٻاهر ڇٽڪار ڪري پوءِ کليل اوطاق کي ڪپڙي جي چادرن سان بند ڪري سولر جا پنکا هلائي ٿي ڇڏيا. پوءِ سڀڪو اوطاق ۾ رکيل کٽن تي سمهي ٿي پيو. شام جو  اوطاق جي اڱڻ ۾ ڇٽڪار ڪري اتي کٽون رکيون ٿي ويون. اوطاق اڳيان ٽيوب ويل به لڳل هو، جنهن تان سج لهڻ کان اڳ هر ڪو وهنجيو ٿي. اصغر جتوئي هر روز شڪارپور مان برف ۽ بوتلون وٺي ايندو هو. اصغر مختلف ڏوهن ۾ جيل به ڪاٽي آيو هو. تاجل، شھمير ۽ ٻيا ڳوٺاڻا به جيئن ئي شھر مان ورندا هئا ته انب، بوتلون، بسڪوٽ ۽ برف وٺي اوطاق تي اچي اسان جي اڳيان رکندا هئا. تتل ٻنپهرن جو گهرن يا اوطاقن کان ڪو ورلي ماڻهو ٻاهر نڪرندو هو.

جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنهن ضروري ڪم سان نڪرندو هو ته منهن، ڪن ۽ مٿو ڍڪي ٻاهر نڪرندو هو. آئون شڪارپور جي يادن جي ڪشتي کي اونڌو ڪري ٿو ڇڏيان، ڇاڪاڻ ته اتان جون يادون کٽي نه کٽڻيون آھن. مون کي حافظ جو شعر ياد ٿو اچي:

رموز مملڪت خويش خسروان دانند

گدائي گوشه نشيني تو حافظا مخروش

(ترجمو: سلطنت جي رمزن کي بادشاهه ڄاڻندا آھن. اي حافظ! تون ته گوشه نشين فقير آھين، تون رڙيون گهٽ ڪر.)

آئون آرهڙ ۾  پاڻيءَ سان ڀريل تلاءَ مان ٽٻي هڻي ٻاهر نڪران ٿو ته مون کي ٿر جي مهراڻي واري علائقي جي هڪ ڳوٺ موڏور ويجهو اها تتل ٻپهري ياد ٿي پوي، جنهن ۾ آئون ۽ مدد علي مين روڊ تان لهي هڪ ڪونڀٽ جي ڇانوَ ۾ وڃي ويٺا هئاسين. پاڻيءَ جون بوتلون جيڪي اسان شھر مان ورتيون هيون، اهي هڪ ئي تِڪ ۾ پيئڻ ويٺاسين. اسان کي اتي ويٺل ڏسي اٺ چاريندڙ هڪ ڇوڪرو سڌو هليو آيو، چيائين: پاڻي هجي ته ڏيو.

 اسان کيس هڪ بوتل ڏني. پاڻ چيائين ته توهان اڳيان هلو ته توهان کي چانھ ٺاهي پياريان، مون هاڻي ڏاچي ڏڌي آھي. اسان چيو ته هن وقت سخت گرمي آھي، ڪو نه ٿا هلون، ڪنهن ٻئي وقت تنهنجي ڇانھ پي وٺنداسين. اسان ڪجھ گهڙيون ڇانوَ ۾ ترسي اتان نڪري مٺيءَ پهتاسين. ان وقت ڏينهن ٺري چڪو هو. مون چاهيو ٿي ته وينجهراج سوڍي سان ملجي، جيڪو اسان جو هاءِ اسڪول ۾ استاد رهي چڪو هو. مٺيءَ ۾ اوچتو ان جي چهري سان مشابهت رکندڙ ھڪ پوڙھو همراهه گڏيو. پڇا تي ٻڌايائين ته سندس نالو موهن ڀڳت آھي، هو اسلام ڪوٽ جو رهاڪو آھي.

 هن ٻڌايو ته هو سوڍي وينجهراج کي گهڻو، سڃاڻي, جيڪو هاڻي هندستان لڏي ويو آھي.

ويجهراج سوڍو مڪواڻا راجپوتن مان هو. سردار سنگھ سوڍي جو هي محنتي فرزند تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهندي آخر مٺيءَ ۾ ضلعي جو تعليمي آفيسر رهڻ کان پوءِ 1993ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ 1994ع ۾ پنهنجي وطن کي هميشه لاءِ الوداع ڪري هندستان جي ڀڄ ضلعي جي ڳوٺ نيترا هليو ويو، جتي ديهانت ڪري ويو.

موهن ڀڳت جو پيءُ اميد رام ۽ چاچو موتي به راڳيندڙ ھئا، جن کي ڳائيندو ٻڌي هو به ٻڪريون چاريندي ڳائڻ لڳو. اڳيان هلي سندس نالو راڳ جي دنيا ۾ وڄڻ لڳو. موهن ڀڳت روح سان راڳ سان نڀاهيو ۽ 1995ع ڌاري ديهانت ڪري ويو.

ٿر مان واپس ايندي به گرم لڪ سبب اسان هڪ جاءِ تي وڻ ھيٺان ساهي پٽي هئي. اسان کي ڏسي اتي  هڪ پوڙھو اچي نڪتو، جنهن سامهون کيٽ ۾ ڪم ٿي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ جڏھن انگريزن ڪارونجهر تي ڪاهه ڪئي هئي ته انهن جو لشڪر به گرميءَ سبب ڪجھ وقت لاءِ هن جاءِ تي ترسيو هو.

مون تاريخ ۾ ڪٿي پڙھيو هو ته 1859ع ۾ ٿر کي فتح ڪرڻ لاءِ حيدرآباد مان نڪتل انگريزن جي فوج ٿر جون اوچيون ڀِٽون لتاڙيندي، 2 مئي 1859ع تي اچي ويرا واهه پهتي هئي. تروٽ فوج سان گڏ ھوندي، ڪرنل ايونس کي حڪم مليو ته پاڻ وڃي انهن فوجين جي ڪمان سنڀالي. پوءِ ان جي پٺيان ڪرنل ايونس ٿر روانو ٿيو.

 هن ٿر جي سوڍن ۽ ڪولهين سان جنگ ڪئي ۽ ڪجهه ٿر جا ماڻھو پاڻ سان ملائي، ڪارونجهر کي فتح ڪيو. انگريزن 1860ع ڌاري ساري ٿر تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي هئي. آئون اونهاري جي موسم جي ڏينهن جي ياد جي ڍيري کي اَڻ ڪَتيو ڇڏي ٿو ڏيان. مون کي اڃ لڳي آھي، آئون پاڻي پي ايئن ليٽي ٿو پوان، جيئن ٿڪل اوٺار رات رڻ ۾ ليٽندو آھي.