ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين خلاف بدين ٿاڻي تي حملي ڪيس ۾ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، عدالت چيو آهي ته ڪيس جو فيصلو سومر تي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين خلاف بدين جي مختلف ٿاڻن تي داخل 2 ڪيسن جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ذوالفقار مرزا جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته پوليس سياسي دٻاءُ تي ڪيس ٺاهيو آهي، ڪيس ۾ نامزد ڪافي ماڻهو واقعي وقت بدين شهر ۾ ئي موجود نه هئا.