پنگريو  (ن پ ا) اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر زوالفقار مرزا پنگريو پھچي ٽائون ڪاميٽي تي مرزا گروپ جي اڳوڻي ڪائونسلر  سڪندر سومرو جي ھوٽل تي ڪڙھائي ۾ کاڌو تيار ڪيو. ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جي ھوٽل تي موجودگي جو اطلاع ملندئي سوين شھري گڏ ٿي ويا. اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي جنھن تي سوشل ورڪرن دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا پيا وڃن. واضح رھي ته ڊاڪٽر ذولفقار مرزا 2008۾ پنگريو ٽنڊوباگو جي گڏيل تڪ تان ايم پي اي چونڊيو ويو ھو ھن تڪ تي اڄ به  سندس پٽ حسنين علي مرزا ٽيون ڀيرو ايم پي اي چونڊيل آھي.