ڪراچي(ويب ڊيسڪ) امريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ ترسيل بنگلاديش واسي 2 ڀائرن ذهني دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي سڄي ڪٽنب کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو.
ٽيڪساس جي شهر ڊلاس جي پوليس موجب واقعو 6 اپريل تي پيش آيو، پوليس مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا.
پوليس موجب سوشل ميڊيا پوسٽن مان واضح ٿئي ٿو ته ٻنهي ڀائرن 21 سالن جي تنوير توحيد ۽ 19 سالن جي فرحان ذهني دٻاءُ ۾ پنهنجن سمورين گهر ڀاتين کي گوليون هنيون.