دادو (رپورٽ : فتاح شيخ) کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري 7 هزار 200 رپيا تي پهچڻ کانپوءِ  دادو، لاڙڪاڻو، قمبر شهداد ڪوٽ مان بااثر واپارين پاران ذخيرو ڪيل ڪڻڪ ڪراچي ۽ سکر ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر شاهنواز ميراڻي پاران شهيد مخدوم بلاول ۽ مورو روڊ وٽ اوچتو ڇاپا هڻي ڪڻڪ جي ٻورين سان ڀريل 10 ، ٽرڪون پڪڙي فوڊ کاتي دادو جي حوالي ڪيون ويون جنهن کانپوء بااثر ڌرين ۽ سياسي مداخلت کانپوء پڪڙيل 10 ، ئي ٽرڪون بااثر واپارين حوالي ڪيون ويون آهن ، اسٽنٽ ڪمشنر پاران پڪڙيل ٽرڪون فوڊ کاتي دادو جي ڊي ايف سي پاران واپارين حوالي ڪرڻ واري عمل تي ڊي سي دادو توڙي اسٽنٽ ڪمشنر جو رد عمل سامهون ناهي آيو ، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته دادو ، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن مان انڊس هاء وي ذريعي روزانو رات جي وقت ۾ ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون ڪراچي ۽ سکر سپلاء ڪيون وڃن ٿيون، ڪڻڪ جي چر پر تي 144 قلم لاڳو هئڻ باوجود بااثر واپاري فوڊ کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري روزانو جي بنياد تي ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون ڪراچي منتقل ڪيون وڃن ٿيون ، پڪڙيل ٽرڪن جي ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته روزانو هو لاڙڪاڻو ، قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو مان ٻه کان اڍائي سو ڪڻڪ جون ٽرڪون ڀري ڪراچي کڻي ويندا آهن. ٻئي پاسي  کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري جو اگھ 7200 روپيا ٿيڻ کانپوء اٽي جو في ڪلو 85 روپين کان 90 روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي جنهن سبب عام ماڻهن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. هوڏانهن  فوڊ کاتي دادو پاران ڪڻڪ خريداري جي مليل ٽارگيٽ 12 لک ٻورين مان 8 لک خريد ڪرڻ تي فوڊ کاتي سنڌ جي سيڪريٽري هڪ مهينو اڳ دادو ۾ ڪئمپ قائم ڪري جوهي ، سيتا ۽ ڪي اين شاھ ۾ بااثر واپارين جي گودامن تي ڇاپا هڻي ڪڻڪ پڪڙڻ کانپوء سياسي مداخلت ۽ دٻاء وجهڻ کانپوء فوڊ کاتي جو سيڪريٽري دادو ۾ ڇاپن جو سلسلو بند ڪري واپس ڪراچي روانو ٿي ويو.