ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جا ذخير اگهٽجڻ ڪري 24 ڪلاڪ گئس فراهم نٿا ڪري سگهون، ڪالهه ڪراچي جي دوري دوران هن پيٽروليم ڊيلرز ايسوسئشن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پيٽروليم ڊيلرز جي اڳواڻن مطالبو رکيو ته گئس جي فراهمي متاثر ٿيڻ ڪري سي اين جي اسٽيشنن  جو ڪاروبار بند ٿي ويو آهي، لکين مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن، ايراني تيل جي سرعام وڪري سبب به نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن تي مملڪتي وزير سندن مسئلا  حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان ۾ گئس جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن، اسان مڃون ٿا ته ڪراچي ۾ سحري ۽ افطاري وقت به گئس جي فراهمي  معطل رهي ٿي، آئون انهي ڪري هتي آيو آهيان ته گهٽ ۾ گهٽ سحري ۽ افطاري وقت گئس جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي، هاڻي نئين حڪمت عملي جوڙيون پيا ته وڌيڪ گيس استعمال ڪندڙ کان وڌيڪ بل ورتو ويندو، جڏهن ته غريبن کان  گهٽ بل وٺنداسين.