ذخيرا گهٽجي ويا آهن: حڪومت 24 ڪلاڪ گئس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
182
حڪومت 24 ڪلاڪ گئس ڏيڻ کان انڪار
ذخيرا گهٽجي ويا آهن: حڪومت 24 ڪلاڪ گئس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

حڪومت گئس ذخيرا گهٽجڻ جو جواز ڄاڻائي 24 ڪلاڪ گئس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

توانائي جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ڪراچي ۾ گئس جي فراهمي ۾ ڪوتاهي سامهون آئي آهي،  گئس جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهتو آهيان

هن چيو ته سنڌ جو گورنر ماڻهن کي گئس جا بلز جمع ڪرائڻ کان نه روڪي، ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن، 24 ڪلاڪ گئس فراهم نٿي ڪري سگهجي

توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته هاڻي امير ۽ غريب جا بلز ڌار ڪري ڇڏيا آهن، سرندي وارن کي گئس جا وڌيڪ بل ادا ڪرڻا پوندا

هن کي به پڙهندا

وزيراعظم پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

پاڪستان ۾ انصاف جو ڪو ادارو موجود ئي ناهي: بلاول ڀٽو زرداري