دھشت ڀريو داغ……..!!

0
146
دھشت ڀريو داغ........!!

 “تمام گھڻي صفائي، انتھائي چمڪ دمڪ ۽ تيز روشنين جي باوجود بھ ايئرپورٽ ايترا اداس نظر ڇو ايندا آھن؟”

                 اھي لفظ ڪنھن مصري اديب جي افساني مان ورتل ناھن. پر ايئرپورٽ جي “آمد ۽ روانگي”جي لفظن مان بھ اھو احساس ليئا پائيندو نظر ايندو آھي، جيڪو ھنگري جي شھر بڊاپيسٽ ۾ پھريون ۽ لنڊن ۾ پويون ساھه کڻندڙ دنيا جي عجيب اديب آٿر ڪوسلر جي ناول “Arrival and Departure” ۾ آھي.

                 زندگيءَ کي سائنس جو ڪيترو نھ وڏو سھارو حاصل آھي! مٿي جي سور کي گھٽ ڪندڙ گوري “پينڊال” کان وٺي تمام گھڻي پيچيده “ٽرانسپلانٽيشن” تائين سائنس انسان جي جيون سان ھم قدم رھي ٿي پر جڏھن زندگيءَ جي احساس کي اپٽار جي ضرورت محسوس ٿيندي آھي، تڏھن اسان کي وري بھ اھو ادب ياد ايندو آھي، جنھن جي ڪتابن جي ڪاغذن مان ڪافور جي خوشبو ايندي آھي.

                 انگلستان جي عظيم آرٽسٽ ۽ شاعر شيڪسپيئر ڪيتري نھ خوبصورت انداز سان لکيو ھو تھ:

What a piece of work is a man! how noble in reason! how infinite in faculty! in form and moving how express and admirable!

يعني: ڪھڙي نھ ڪلا جو ڪم آھي، ھي انسان! ڪيترو نھ عمدو آھي، پنھنجي عقل ۽ ڪيترو نھ بي انت آھي، پنھنجي مڻيا ۾! پنھنجي ڏيٺ ويٺ ۾ ڪيئن نھ ھلي چلي ٿو ۽ ڪئين نھ موھي ٿو وٺي……!!

پر اھو ئي انسان جڏھن ھڪ ٻئي انسان خلاف سازش ڪري ٿو. جڏھن ھو ٻئي انسان کي پيڙا ڏئي ٿو. جڏھن ھن کي پنھنجي انا خاطر انتقام جو نشانو ٿو بڻائي. جڏھن ھو پنھنجي خصيص مفاد جي خاطر ھن لاءِ زندگيءَ جا ساھه سازش سان سھيڙي ٿو. تڏھن اھو انسان انھن جانورن کان بھ تمام گھڻو ھيٺ ڪري ٿو پوي، جن جي بجن مان تھ بوءِ ايندي آھي پر انھن جي اکين ۾ پوءِ بھ ھڪ گھري پرسراريت وارا پيار جا پاڇا لھندا چڙھندا محسوس ٿيندا آھن.انسانن جي باري ۾ اھڙو انتھائي پيڙا ڀريو پور ماڻھوءَ کي ان مھل محسوس ٿيندو آھي، جڏھن ھڪ انسان ڪنھن جي مٿان ڪوڙو الزام لڳائي، پنھنجي اندر مان مھر ۽ وفا جا سمورا سلسلا ختم ڪري ڇڏي ٿو.

اھو سڀ ڪجھھ اسان کي ان وقت  بھ نظر آيو، جڏھن ھٽلر ۽ ھن جي سياسي ٻارن جرمني ۽ اوڀر يورپ جي ڌرتيءَ کي ايئن تپائي ڇڏيو، جيئن 20ھين صديءَ ۾ يھودي رياست فلسطيني عوام لاءِ اھا ڀونءِ رھڻ جوڳي نھ ڇڏي آھي، جيڪا ڪڏھن انھن جي وڏڙن جي ھئي. جنھن ڀونءِ تي بقول محمود درويش ھن جي ابن ڏاڏن تتيءَ ٿڌيءَ ۾ اٺ چاريا ھئا. ساڳيو ئي صدين وارو رشتو ھو ان ڀوميءَ سان يھودين جو، جنھن ڀوميءَ جي ھڪ ڀر تي آلپس پھاڙين مان آلو آلو چنڊ پيار جي ڏنل پھرين چميءَ وانگر محسوس ٿيندو آھي.

اوڀر يورپ تھ تمام گھڻو حسين آھي. پر اھي گيس چيمبر ۽ بار بار لوڊ ۽ ان لوڊ ٿيندڙ رائفلون ۽ چن جون بٺيون ڇا ھيون؟ اھو سڀ ڪجھھ ڇا ھو، جيڪو انسان جو ساھه گھٽيندو ھو. ھن جي سوچيندڙ مٿي ۽ محسوس ڪندڙ دل ۾ گوليءَ سان سوراخ ڪندو ھو ۽ ھن جو ماس تھ ڇا پر ھن جا ھڏ بھ ڳاري ڇڏيندو ھو.

ڪالھھ جنھن جاءِ تي اجتماعي قبرون کوٽيون ويون ھيون، اڄ اتي پڇتاءُ پنھنجيون آليون اکيون اگھي رھيو آھي. پر بقول يونان جي عظيم اديب ڪازانت زاڪس جي“انسان وٽ روئڻ کان سواءِ نجات جي ٻي ڪھڙي راھه آھي”

ڪنھن اھڙي انداز سان آئون بھ سوچيندو آھيان انھن عملن تي جيڪي دل جي مٿان احساسن جا اھڙا داغ ڇڏي ويندا آھن، جن جي باري ۾ ڪنھن بھ ايڊورٽائيزمينٽ ڪمپنيءَ جو ڪريئيٽو رائٽر فخر ۽ لئھ سان مسڪرائي اھي لفظ نھ ٿو لکي سگھي تھ “داغ تو اڇي ھوتي ھين”

زيڊ اي ڀٽو پنھنجي آخري ڏينھن ۾ لکيو ھو تھ “جڏھن مان جوان ھوس، تڏھن مون کي مرزا غالب جو اھو شعر تمام گھڻو وڻندو ھو:

 “غم سي خو گر ھو انسان تو مٽ جاتا ھي رنج،

مشڪلين مجھھ پر پڙين اتني ڪھ آسان ھوگئين”

پر ھن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رھندي مون کي محسوس ٿيو آھي تھ غالب غلط ھو. مشڪلون ڪڏھن بھ آسان نھ ٿينديون آھن”

ساڳي طرح سان ڪجھھ داغ ڪنھن بھ صورت ۾ سٺا ٿي نھ ٿا سگھن. خاص طور تي ھڪ مظلوم انسان جي وجود مان وھيل لھوءَ جا داغ، جيڪي فرش تي سرخي تبديل ڪري سياھه ٿي ويندا آھن پر انھن جو احساس تمام گھڻو تلخ تر ٿيندو ويندو آھي. ھڪ نازڪ ناريءَ جي خوبصورت جسم تي پيل تشدد جا نيل بھ ڪنھن صورت حسين ٿي نھ ٿا سگھن.

ساڳي طرح جڏھن ھڪ بيقصور انسان جي مٿان ھڪ حساس ترين الزام لڳي ٿو. ھڪ اھڙي جرم جو الزام جيڪو ھن ڪڏھن نھ ڪيو ھجي. ھڪ اھڙي ڏوھه جي تھمت، جنھن جي باري ۾ ڪڏھن ھن سوچيو بھ نھ ھجي تھ تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آھي. اھا تڪليف ايتري ٿيندي آھي، جيتري تڪليف سبب صرف انسان جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري نھ وھندا آھن پر فرانس جي ھستي واد (Existentialist) اديب زان پال سارتر بقول انسان الٽي ڪرڻ جھڙي ڪيفيت محسوس ڪري ٿو.

اھڙو احساس ھن ملڪ جي حساس انسانن کي ان وقت بھ محسوس ٿيو ھوندو، جڏھن انھن سمارٽ فون، ليپ ٽاپ يا ٽي وي اسڪرين تي اھي لفظ پڙھيا ھوندا تھ صرف ڪار پارڪنگ جي اشو تي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ھڪ شخص ھڪ عيسائي عورت کي “توھين رسالت” يا “توھين مذھب”جھڙي سنگين تھمت مڙھي قانوني نتيجن ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني.

ثمينا مشتاق ڪراچيءَ ڄائي ھوشيار ۽ ھر وقت خبردار رھندڙ ناري ھئي. ھن فوري طور تي پنھنجي خلاف ٿيندڙ سازش کي پنھنجي فون ۾ رڪارڊ ڪري اھا وڊيو پنھنجي اٿارٽيز کي اماڻي ڇڏي پر اھو سمورو وقت ڪيترو نھ گھٽيا ۽ گناھگار ھو!؟ صرف اسٽڪر بغير ھڪ ڪار کي ڇڏڻ جي اجازت نھ ملڻ تي ھڪ انسان جي زندگيءَ کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏيڻ بھ ڪيتري نھ ڪميني ڪم ظرفي آھي!!

ڪاش! ان سمي ڪوئي محسوس ڪري سگھي ھا، تاريخ جي خط استويٰ تان اٿيل ھڪ احساس جيڪو جناح ايئرپورٽ جي ڪار پارڪنگ کان اٿيو ھوندو ۽ قائد اعظم جي مزار مٿان ڪنھن کنوڻ وانگر کڙيو ھوندو ۽ تاريخ جون اکيون اھو سوچي ڀرجي آيون ھونديون تھ ڇا ھي اھوئي ملڪ آھي، جنھن جي بانيءَ پنھنجي تقرير ۾ چيو ھو تھ“ اڄ کان وٺي اوھان آزاد آھيو. اوھان آزاد آھيو مندرن ۽ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ! رياست جو ان سان ڪو سروڪار ناھي تھ اوھان جو مذھب ڪھڙو آھي؟ اوھان سڀ ھڪ جيترا حق رکندڙ شھري آھيو!!”

اڄ بھ ھن ملڪ سان محبت ڪندڙ ھر باشعور شھريءَ کي ملڪ جي بانيءَ جي ان اعلان جو اسپرٽ ڪنھن جابلو نانگ جي ڏنگ وانگر پنھنجي وھه سان وھاٽي ٿو. ھو سوچي ٿو تھ ھن جو اھو ملڪ ڪٿي آھي؟ جيڪو ھڪ بھتر، آزاد ۽ محفوظ زندگيءَ جي لاءِ حاصل ڪيو ويو ھو!

جڏھن ڪنھن بھ غيرمسلمان جي مٿان اھو الزام لڳايو وڃي ٿو تھ ھن مذھبي طرح سان ڪا توھين ڪئي آھي، تڏھن ھن جي زندگي موت کان وڌيڪ ڀيانڪ بڻجي وڃي ٿي.

اھڙي ڀيانڪ زندگي ثمينا مشتاق جي بھ ٿي پئي سگھي. پر ھن جي ديس جي معصوم ڌيءَ جو دامن اھڙي الزام جي داغ لڳڻ کان محفوظ رھيو. پر اھڙي الزام مان نھ بچي سگھيو تھ اسان جو دوست ۽ ھن ڌرتيءَ جي ترقي پسند سوچ وارن جو اھو ساٿي، جنھن جي غم سبب ھن وقت بھ گھوٽڪيءَ جي گلي ۾ ڪا اذيت اٽڪيل آھي.

اھڙي بي رحم ۽ بيھودي الزام لڳڻ سبب مٺيءَ جو معصوم نوجوان تمام گھڻي تڪليف ۾ آھي.ھو جنھن جي باري ۾ ھن جا مٽ مائٽ انصاف لاءِ آواز اٿارڻ بدران ھڪ خوف سبب خاموش آھن تھ متان انھن جو آواز انھن جي پنھنجي ۽ پياري لاءِ وڌيڪ پيڙا جو ڪارڻ بڻجي يا متان اھو احتجاج انھن جي لاءِ ڪنھن اڻ سوچيل ۽ اوچتي الزام جو سبب بڻجي پوي.

ھي اسان جو ملڪ آھي. اسان جو اھو ملڪ جيڪو پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي مسلسل مشڪل مرحلن مان گذري رھيو آھي. ھن وقت بھ ھي ملڪ معاشي مصيبتن کي منھن ڏئي رھيو آھي.

ھن وقت بھ ھي ملڪ آءِ ايم ايف طرف اھڙين اکين سان تڪي رھيو آھي، جھڙي اکين سان شديد بک مانيءَ کي ڏسندي آھي. جھڙين اکين سان مظلوميت انصاف طرف تڪيندي آھي. جھڙين اکين سان موت کي نرغي ۾ آيل زندگي جيون جي طرف نھاريندي آھي.

ھن ملڪ جو وڏو مسئلو ڪرپشن آھي. اھا ڪرپشن جنھن سبب ملڪ جو خزانو خالي ٿي چڪو آھي. اھا ڪرپشن جنھن سبب ڏکڻ ايشيا فطري طور تي خوشحال ملڪ حقيقي حوالي سان بدحاليءَ جو علاقائي نھ پر عالمي مثال بڻجي چڪو آھي. اھا ڪرپشن جنھن جي ڪري مون سون جي برسات ٻوڏ بڻجي وئي. اھا ڪرپشن جنھن جي ڪري ٻن ڪروڙن جي متاثر آباديءَ کي عالمي برادري امداد ڏيڻ چاھيندي بھ امداد نھ ٿي ڏئي. ڇو تھ عالمي برداريءَ کي صاف نظر اچي رھيو آھي تھ اھا امداد حقدارن جي حوالي نھ ٿيندي.

دنيا ۾ ڪرپشن جھڙو ڪنو الزام ٻيو ڪو بھ نھ ٿو ٿي سگھي. اھو اھڙو الزام آھي، جنھن جي ڪري وزير پنھنجيون وزارتون ۽ سفير پنھنجيون سفارتون ڇڏي ڏيندا آھن. پر اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن جو الزام سياست جي سونھن بڻجي ويو آھي. ھن ملڪ جي سياست سان ڪرپشن جو ناتو رشتو ايترو تھ وڌي ويو آھي جو جنھن جي مٿان ڪرپشن جو الزام نھ ٿو لڳي، اھو ھن ملڪ جو سرٽيفائيڊ سياستدان ئي محسوس نھ ٿو ٿئي.

سو! جيڪڏھن اوھان جي مٿان ڪرپشن جو الزام لڳو تھ ڪو مسئلو ناھي.

جيڪڏھن اوھان جي مٿان چوريءَ ۽ ڌاڙي جو الزام لڳو تھ بھ ايڏي وڏي تشويش جھڙي ڳالھھ ناھي.

جيڪڏھن اوھان جي مٿان خون جو الزام  بھ عائد ٿيو تھ وڏا وڪيل اوھان جي مٿان لڳل تھمت کي قانوني علم جي ڊٽرجنٽ سان ڌوئڻ لاءِ موجود آھن.

ھا! پر جيڪڏھن اوھان غيرمسلم آھيو ۽ اوھان جي مٿان مذھبي حوالي سان ڪنھن بھ قسم جي توھين جو الزام لڳي ٿو تھ ان تھمتي داغ کي ڌوئڻ جي خيال مٿان بھ دھشت جو پاڇو پيل نظر اچي ٿو!!