دڙو (ن پ ا) دڙو ۾ هڪ هفتي کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽  گئس جو پريشر نه هئڻ خلاف مختلف سياسي، مذهبي پارٽين ۽ شهرين پاران دڙو پڃاري پل تي ڌرڻو هنيو ويو.حافظ عبدالغفور ميمڻ، حافظ اعجاز سومرو، وقاص مھدي، انور ملاح  جو چوڻ هو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، گھرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي ناھي، نماز پڙھڻ لاءِ وضو جي پاڻي لاءِ پريشان آھيون.هنن چيو ته گيس جو پريشر نه  ھئڻ ڪري گھرن ۾ رڌ پچاءَ ۾ مشڪلاتون اچي رھيون آھن، نوٽيس وٺي  مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.