دڙو (ن پ ا) ڪوٽ عالمون لڳ برسات سبب ڪپر ڪمزور هجڻ ڪري راڄ واھ نالي کي 11فوٽ گهارو پئجي ويو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ لڳا، ان حوالي سان   ڳوٺاڻن خالد ميمڻ، سراج ميمڻ، يوسف سورجو، محرم ڪاپائي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته  راڄ واھ نالي کي 11فوٽ گهارو پيو آهي، 12ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايريگيشن عملو ناهي پهتو،  پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هنن چيوته اسان جا فصل ٻڏي ويا آهن، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي.