دڙو (ن پ ا) دڙو لڳ ڳوٺ محمد رمضان مگسي جو  رهواسي چوپائي مال جو گاهه کڻي ايندڙ 22 ورهين جو نوجوان امتياز مگسي پير ترڪڻ سبب پڃاري واهه ۾ ڪري پيو، ڳوٺاڻن کيس پاڻي مان ڪڍي آر ايچ سي اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، فوتي نوجوان جي وارثن پاران لاش اسپتال ٻاهران رکي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي نوجوان جي وارثن دانهيندي چيو ته اسان نوجوان کي بيهوش حالت ۾ اسپتال کڻائي آياسين، هڪ ڪلاڪ تائين ڪوبه ڊاڪٽر اسپتال ۾ نه هو، جنهن سبب نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، هنن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ۽ غفلت ڪندڙ  ڊاڪٽرن ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي وڃي.