دپيڪا ۽ رنوير به آءِ پي ايل ۾ ٽيم خريدڻ لاءِ تيار

0
191
دپيڪا ۽ رنوير به آءِ پي ايل ۾ ٽيم خريدڻ لاءِ تيار
دپيڪا ۽ رنوير به آءِ پي ايل ۾ ٽيم خريدڻ لاءِ تيار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنويرسنگهه به آءِ پي ايل ۾ ٽيم خريدڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي ڪامياب جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ سندس مڙس رنوير سگهه نئين سيڙپڪاري لاءِ ڪرڪيٽ جي چونڊ ڪئي آهي

ان سلسلي ۾ هو ڀارتي بورڊ سان رابطي ۾ آهن. جوڙو آءِ پي ايل ۾ شاهه رخ خان، جوهي چاولا، شلپا شيٺي ۽ پريٽي زنٽا بعد ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪري شامل ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي

. واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 2022 ۾ آءِ پي ايل ۾ ٽيمون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ امڪان آهي ته دپيڪا ۽ رنوير سنگهه پنجاب جي ڪنهن شهر جي نالي سان ٽيم خريد ڪندا