لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ليجنڊري فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن دي هنڊريڊ ۾ بابراعظم کي ڪنهن به فرنچائز طرفان پڪ نه ڪرڻ تي حيرانگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي انگلينڊ جي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن چيو ته ٽورنامينٽ جي فرنچائزرز ليگ جي شروعات کان ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا آهن ته بابراعظم هنن جي ٽيم جو حصو ٿئي، جنهن تي ميزبان سوال ڪيو ته بابراعظم کي ڇو نه پڪ ڪيو ويو؟ ڇا هن جي قيمت تمام گهڻي هئي؟ ان تي اينڊرسن جواب ڏنو ته مان هجان ها ته بابراعظم کي ٻيني قيمت تي پنهنجي فرنچائز ۾ شامل ڪريان ٿا.