دي هائبرڊ ايج The Hybrid Age

0
259
سَهي جي هڪ ڏينهن جي بادشاهي

“اوهان فلم ڏٺي آهي، The Hybrid Age؟” سڀ جو فلمن جا شوقين اچي گڏيا ته مون به کڻي پڇيو.
فلم جو نالو ٻُڌي سڀ وائڙا ٿي ويا. سڀني پنهنجي ڪيپراٽين تي زور ڏنو پر ڪنهن کي ڪجهه ياد ئي نه آيو. مجبور ٿي سڀني نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيا.
“ڪهڙا اداڪار هوندا آهن، مون کي ٿورو ياد ڏيار.” انهن مان هڪڙي پڇيو.
مون چيو، “اداڪار سڀ پنهنجي ملڪ جا هوندا آهن ٻيو.”
“پنهنجي ملڪ جا. . . .” سڀئي سوچ ۾ پئجي ويا. چپن ۾ چوڻ لڳا، “پاڻ سدائين ڏسون رڳو بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جون فلمون. پنهنجي ملڪ تي ڌيان ڏيون ڪونه سو هاڻي ڏٺي هوندي ته به وئي هوندي وسري ٻيو.”
“وسرڻ جهڙي آهي ئي ڪونه.” مون چيو.
“ڀلا آهي ڇا تي. اهو ٻڌا ته من ڪنهن کي ياد اچي.” هڪڙي چيو.
“ادا نالي مان ئي ظاهر آهي ته هائبرڊ دور تي آهي. چون ٿا ته هي دور اصل ۾ هائبرڊ دور آهي.” مون وڌيڪ ٻڌائيندي چيو، “اها ئي، جنهن ۾ وڻ ٻوٽن سميت ماڻهو به سڀ هائبرڊ هوندا آهن. ياد ڪريو.”
“ماڻهو به هائبرڊ. . .؟؟” سڀني وري پنهنجي مٿي تي هٿ ڏنا.
“ها! ها!” مون کين ياد ڏياريندي چيو، “اڙي ياد ڪريو، ماڻهو ته ڇا، ان ۾ ته قومون، ٻوليون ۽ ڪلچر به هائبرڊ هوندا آهن. ان ۾ هڪڙي رياست هوندي آهي نه، جنهن ۾ فرد کان ويندي ادارن تائين هر شيءَ هائبرڊ هوندي آهي.” مون چيو، “ياد ڪريو، هائبرڊ قسم جو عملو هوندو آهي، جيڪو هائبرڊ قسم جي نظام کي پيو هلائيندو آهي. هائبرڊ قسم جا سياستدان هوندا آهن جيڪي هائبرڊ قسم جي عوام جي ڀلي لاءِ هائبرڊ قسم جا منصوبا جوڙيندا آهن ۽ هائبرڊ قسم جي قانونسازي ڪندا رهندا آهن. جيڪڏهن ڪو مسئلو پيدا ٿيندو آهي ته ان جو حل به هائبرڊ قسم جو ڪڍندا آهن. بلڪه اتي مسئلا به هائبرڊ قسم جا پيدا ٿيندا آهن. صبح پيدا ٿيندا آهن، ٻنپهرن تائين وڌي وڻ ٿيندا آهن ۽ شام تائين ختم به ٿي ويندا آهن، وري ٻئي ڏينهن ٻيا مسئلا.”
مون سوچيو ته هاڻي پڪ سان کين اها فلم ياد اچي وئي هوندي پر افسوس جو اڃان به کين ڪجهه ياد نه اچي سگهيو. مون هنن کي ياد ڏيارڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪندي ٻُڌايو، “اڙي يار ڪجهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، آئون ان فلم جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ ليڊر آنن مان ڦُٽندي نظر ٿا اچن. اهي ليڊر به هائبرڊ قسم جا هوندا آهن. آنن مان به کڳيون هڻندي نڪرندا آهن نڪرندي ئي ليڊر ٿي ويندا آهن. اکڇنڀ ۾.” مون چيو، “ان فلم ۾ شاعر، اديب ۽ دانشور به هائبرڊ هوندا آهن، ياد ڪريو. اهي ته ويچارا ريزڪي دوڪانن تي سيڌي سامان جيان دستياب هوندا آهن. جيئن اوهان کنڊ، چانھه يا لوڻ، مرچ وٺي ايندا آهيو، تيئن وڃو ۽ پنهنجي ضرورت جو شاعر، اديب يا دانشور وٺي اچو ۽ پوءِ ان وسيلي، جنهن کي ٽوپي پارائڻي هجي پارايو، جنهن کي پَٽڪو ٻڌرائڻو هجي ٻڌرايو، پَٽڪو لهرائي به سگهو ٿا.”
فلمن جا شوقين اڄ مون مان اچي ڦاٿا. هنن کي ڪجهه ياد ئي نه آيو. حقيقت ۾ آئون به اچي هُنن مان ڦاٿس. جان ڇڏائڻ لاءِ چيم، “ڀلا اوهان کي ياد نٿي اچي ته ڇڏيو کڻي.” پر هنن هم آواز ٿي چيو، “نه نه اسان کي ياد ڏيار. اسان کي ان فلم جي باري ۾ اڃان ڪجهه ٻُڌاءِ.” ڄڻ همراهن جي عزت جو مسئلو ٿي پيو هو.
مون سندن ڳالهه رکندي چيو، “ادا ان فلم ۾ فنڪار به هائبرڊ هوندا آهن، جيڪي هائبرڊ قسم جو راڳ ڪندا آهن. ان کان علاوه صحافي به هوندا آهن، هائبرڊ صحافي. اهي به هائبرڊ قسم جون اخبارون هلائيندا آهن ۽ هائبرڊ قسم جي چينلن تي ويهي هائبرڊ قسم جا ٽاڪ شوز ڪندا آهن. انهن جون سموريون خبرون، تجزيا توڙي تبصرا به هائبرڊ قسم جا ئي هوندا آهن.” مون چيو، “ان ۾ هائبرڊ قسم جا ڪي سماج سڌارڪ به هوندا آهن جن جو ڪم رڳو پاڻ سڌارڻ ئي هوندو آهي. اهي سماج کي جابلو ماکي جيان چنبڙيل رهندا آهن، ياد ڪريو.” مون وري پڇيو، “ڀلا هاڻي ڪنهن کي ڪجهه ياد آيو؟”
هُوسڀئي وري به خاموش ئي رهيا. نيٺ ڪنهن هڪڙي ڏند ڪرٽيندي چيو، “هر فلم ۾ ڪا نه ڪا Love Story ته ضرور هوندي آهي. تون ان فلم جي Love Story بابت ڪجهه ٻُڌاءِ ته پوءِ اسان کي ياد اچي ويندي.”
مون چيو،“ڪا هڪڙي Love Story! اڙي هن فلم ۾ ته ڪيتريون ئي Love Stories آهن. پر عاشق سڀ هائبرڊ قسم جا هوندا آهن. ڪنهن کي ساڳ پَٽيندي عشق ٿي ٿو وڃي ته ڪنهن کي درگاهه تي ريوڙيون ورهائيندي پيار ٿي ٿو وڃي، ڪن رڪشا ۾ رڳو سفر گڏ ڪيو ته سُڪ ٿي ويا ته ڪا وري لسي وٺڻ آئي وئي ته ٺيٺو ڦِري ويس. پر جيئن ته هائبرڊ قسم جي عاشقن جو پيار به هائبرڊ قسم جو ئي هوندو آهي سو بس ٿيندو هيئن آهي جو صبح پيار ٿيندو آهي، شام شادي ٿيندي آهي، رات پيٽ ۾ درجن کن ٻار ٿي ويندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن عشق ڦشق ٿي ويندو آهي!”
منهنجي اها ڳالهه ٻُڌي به هنن جا مٿي تي هٿ اچي ويا. هُو فلمن جا وڏا شوقين هئا. پنهنجي پر ۾ ته ڪا اهڙي فلم نه ڇڏي هئائون، جيڪا هنن نه ڏٺي هجي پر وري وري ياد ڪرڻ جي باوجود به کين الائي ڇو هي فلم ياد نه پئي آئي. هُو هڪٻئي ڏي ڏسڻ لڳا. اشارا ڪرڻ لڳا پر هر اشارو مايوسي وارو هو.
مون آخري ڪوشش ڪندي فلم جون ڪي خاص ڳالهيون هنن کي ٻُڌائڻ شروع ڪيون. مون کي يقين هو ته هاڻي هنن کي ياد اچي ئي ويندي فلم. مون چيو، “The Hybrid Age ڏاڍي عجيب فلم آهي. اوهان ڏٺي ته هوندي. ياد ڪريو، ان فلم ۾ ڪن ماڻهن جي مٿي تي سڱ هوندا آهن ۽ ڪن کي وري پُٺيان ڊگهو وڏو پُڇ هوندو آهي. ڪن جي ڪياڙين ۾ اکيون هونديون آهن ته ڪن جي وري کُڙين ۾ کوپڙيون هونديون آهن. ڪي ته اهڙا به هوندا آهن جن کي نڪ نالي ڪا شيءَ هوندي ئي ڪانهي ڪا، پر جيئن ته هائبرڊ هوندا آهن سو بنا نڪ جي به منهن کڻي پيا هلندا ڦرندا آهن ۽ ساهه به خبر ناهي ڪٿان پر سولائي سان پيا کڻندا آهن ۽ وڏي ڳالهه ته نڪ وارن ماڻهن کان به تڪڙي واڌ ويجهه ڪندا ويندا آهن.”هُو سڀئي منهنجي ڳالهه ٻُڌي حيران ٿي ويا. پر افسوس جو وري به کين اهڙي اهم فلم ياد نه آئي. هاڻي آئون به تمام گهڻو ٿڪجي پيس ۽ دل ئي دل ۾ بيزار به ڏاڍو ٿيس. مون چيو، “ٻيلي منهنجي جان ڇڏيو، مون کي وڃڻ ڏيو.” پر هُو به ٻاهر جون اجايون سجايون فلمون ڏسي ڏسي صفا ضدي ٿي پيا هئا سو ڪونه ڇڏيائون. نيٺ گهڻي هڻ هڻان کان پوءِ اهو طئه ٿيو ته آئون فلم بابت کين بس هاڻي آخري اهم ڳالهه ٻُڌائيندس سو مون کين پنهنجي پوري ايمانداري سان آخري اهم ڳالهه ٻُڌائيندي چيو، “اڙي يار اوهان فلمن جا ايڏا شوقين آهيو پر ڇا اوهان The Hybrid Age فلم ناهي ڏٺي، جنهن ۾ ماڻهو توڙي جو ماڪوڙن جيترا هوندا آهن ۽ سندن زندگي به مڇر جيتري هوندي آهي پر ان جي باوجود به هر ڪو ماءُ پيٽان ئي ‘آهيان ئي آئون! آهيان ئي آئون!!’ ڪندو ايندو آهي!؟” مون ٿڪجي چيو، “هاڻي ان کان وڌيڪ آئون ٻيو ڪجهه نٿو ٻُڌائي سگهان. اوهان ٻڌايو، اوهان اها فلم ڏٺي آهي يا نه؟پهرين هنن سڀني هڪٻئي ڏي ڏٺو ۽ پوءِ سڀن ڪنڌ هيٺ ڪري چيو، “نه يار! اسان The Hybrid Age ناهي ڏٺي.”مون ڪاوڙ مان چيو، “جيڪڏهن اوهان The Hybrid Age ناهي ڏٺي ته پوءِ اوهان ڏٺو ئي ڇا آهي؟ اوهان ته جهڙو پنهنجي ملڪ ۾ ته ڄاوا ئي ڪونه آهيو ٻيو!”