دي ريئل اسٽيٽ ڪارٽيل!

0
608

گذريل ڪجهه ڏينهن کان مون نيٽ فلڪس تي ميڪسيڪو ۽ ڪولمبيا جي ڊرگ ڪارٽيلس بابت سيريز پئي ڏٺيون، 70ع کان 80ع ۽ 90ع وارا ڏهاڪا انهن ڊرگ ڪارٽيلس جي عروج وارو دور هئا. ميڪسيڪو جي فيلڪس گيلارڊو کان ويندي 2017ع ۾ گرفتار ٿيل ايل چاپو گزمين ۽ ڪولمبيا جي بدنام زمانه پيبلو ايسڪوبار کان ڪارلوس اينريڪس تائين جا ڊرگ لارڊز حقيقي معنيٰ ۾ رياست اندر رياست هئا. پوري حڪومتي مشينري سندن هٿ وس هوندي هئي. ڇا پوليس، ڇا انتظاميه ويندي صدر ۽ وزيراعظم تائين سندن آڏو بيوس هوندا هئا، جو کين اليڪشن کٽرائڻ ۾ به سندن ئي هٿ هوندو هو. هنن پنهنجي الڳ بادشاهي قائم ڪري ورتي هئي. رياست جي مجال نه هئي جو سندن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي، الٽو حڪومتون سندن سهڪاري بڻيل هونديون هيون. انهن ڊرگ لارڊز ۾ ٻه شيون ڪامن هيون، هڪڙو رشوت ۽ ٻيو دهشت! اهي ٻه سندن ڪامياب هٿيار هئا، هو سهولتڪارن کي دل کولي نوازيندا هئا ۽ مخالفن کي ٻارن ٻچن سميت گولين جو بک بڻائي ڇڏيندا هئا. پيبلو ايسڪوبار کي ڊرگ مافياز جو “رابن هڊ” به سڏيو ويندو هو جو هو غريبن ۽ مسڪينن جو نه صرف خيال رکندو هو پر انهن مٿان بي پناهه پيسو به خرچ ڪندو هو، وٽس دولت ايتري هئي جو رکڻ لاءِ جاءِ ڪانه هوندي هيس، سندس ڪارندا ٻنين ۾ کڏون کوٽي پيسا دفنائيندا هئا. (آخري وقت ۾ جڏهن کيس سوڙهو ڪيو ويو ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ وٽس ڪا شيءَ نه هئي ته هن آتشدان ۾ پيسن جون ٿهيون ساڙي پاڻ کي سيءَ کان بچايو هو.) غريبن ۽ مسڪينن جي سهائتا ڪرڻ سبب ئي اهي سندس لاءِ سهولتڪاري وارو ڪم به ڪندا هئا، کيس اڳواٽ خطرن، پوليس جي ڇاپن کان آگاهه ڪندا هئا، اهڙي ريت هن پنهنجو الڳ نيٽ ورڪ جوڙي رکيو هو، جنهن وسيلي کيس پنهنجن پراون جي پل پل جي خبر پوندي هئي.
اهي ڊرگ لارڊز جنهن کي چاهين پيسن عيوض خريد ڪري وٺندا هئا. جج، وڪيل، وزير، صحافي، ادارن جا سربراهه سندن کيسن ۾ پيل هوندا هئا. جيڪو مخالف هوندو هئن تنهن جو جڻ ٻچو رلائي ڇڏيندا هئا. کلي عام ماڻهو مارڻ، بم ڌماڪا سندن شوق شغل هوندا هئا. جي ڪڏهن گرفتار به ٿيندا هئا ته جيل ۾ بادشاهن وانگر رهندا هئا. پيبلو ايسڪوبار ته حڪومت سان معاهدو ڪري پنهنجي لاءِ ڪنهن شاهي محل کان به وڏو جيل پنهنجي خرچ تي تيار ڪرائي پنهنجي ساٿين سميت اتي رهيو هو، جنهن ۾ دنيا جهان جي هر سهولت ۽ عياشي جو سامان ميسر هو ۽ پوليس کي انهي جيل جي ٽن ڪلوميٽرن جي ايراضي تائين داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي. جيل ۾ سندس حفاظت ڪندڙ گارڊز به هن جا پنهنجا ماڻهو هئا. جڏهن طاقت، فرعونيت ۾ بدلجي ويندي آهي تڏهن ان جو انجام به ڀيانڪ ٿيندو آهي. فوربس ميگزين ۾ دنيا جو امير ترين ڊرگ لارڊ ايل چاپو گزمين اڄڪلهه امريڪا جي جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي جتان هو ڪڏهن به جيئرو نڪري نه سگهندو. پيبلو ايسڪوبار جنهن سان گارڊز جي فوج هوندي هئي، تنهن کي فقط هڪ گارڊ سان گڏ گولين سان پروڻ ڪيو ويو، ايئن ئي مختلف وقتن تي پنهنجي دور جي طاقتور مافيائن جا ڊان بدترين انجام کي منهن ڏيندا آيا آهن پر هن دنيا مان دولت ۽ ڌاڪي ڄمائڻ جي هوس ڪڏهن ختم ناهي ٿي، اها مختلف ملڪن ۾ جوڻ مٽائي ظاهر ٿيندي رهي آهي. ڳالهه ڪجي پنهنجي ملڪ جي ته هتي اسان وٽ به مافيائن جا ڪٽڪ رهيا آهن، ڀلي اهي ميڪسيڪو ۽ ڪولمبيا جي پائي جا نه به هجن پر اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهي به گنج آهن. هڪڙا ته اهي هئا جيڪي علي الاعلان گينگسٽر هئا، لياري سندن ڳڙهه هو. ٻيا مافيائي ڊان اهي هئا جن سياست جو چولو پائي ورتو هو ۽ هن ملڪ جي ناخدائن کين هنج ورتو هو، جن هن ملڪ جي ويجهي تاريخ ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ جيڪا رت جي راند کيڏي، تنهن جا نشان اڄ به چٽا آهن ته ٻيا اهي آهن/ هئا جيڪي مذهب جي آڙ ۾ پالي تيار ڪيا ويا، انهن به ملڪ اندر توڙي ٻاهر پنهنجي “فن” جا جوهر ڏيکاري“نيڪ نامي” جو ڪافي سامان گڏ ڪيو. انهن وٽ سواءِ دهشت ۽ خوف ڦهلائڻ جي ٻيو ڪجهه نه هو. پر جيڪا اشرافيه سياست ۽ اقتدار جي ڳٺ جوڙ سان وجود ۾ آئي، تنهن پنهنجو الڳ رستو ورتو، سو هو پئسي وسيلي طاقت حاصل ڪرڻ، اها اشرافيه جيڪا تازو ئي کنڊ اسڪينڊل ۾ توهان جي آڏو آئي، سا توانائي کان ويندي دوائن تائين انيڪ شعبن ۾ هر هنڌ موجود آهي ۽ انهن کي اڻ اعلانيل اميونٽي مليل آهي. پر ان کان به وڌيڪ طاقتور شعبو ريئل اسٽيٽ جي صورت ۾ اڀريو، جنهن انتهائي تيز رفتاري سان باقي سڀني شعبن کي مات ڏئي ڇڏي.
ريئل اسٽيٽ جي ڳالهه ڪجي ته هن ملڪ ۾ هڪ ئي نالو سڀني تي ڀاري آهي سو آهي بحريه ٽائون جو! هن جي مالڪ، ملڪ رياض شروع ۾ ۽ تڪڙ ۾ ئي سمجهي ورتو هو ته هن ملڪ ۾ تيز رفتاري سان شاهوڪار ٿيڻ جو نسخو ڪهڙو آهي، تنهنڪري هن “سنگت” ئي اهڙن ماڻهن سان رکي جيڪي ڀل سندس ڪلهي تي بندوق رکي هلائين پر موٽ ۾ کيس توب رکڻ جي اجازت ڏين. طاقت ۽ پئسي جي ڪاڪ ٽيل جو ڪرشمو جنهن سويلين اثرائتي نموني سان هن ملڪ ۾ متعارف ڪرايو، سو ملڪ رياض ئي آهي. هو پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ برملا ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪم تيستائين نٿو ٿئي جيستائين فائيل کي “ڦيٿا” نٿا لڳن، پر ان کان اڳتي هن جيڪو ڪم انتهائي چالاڪي سان ڪيو سو انهن پاور بروڪرز کي پاڻ سان گڏ کڻڻ جو هو جيڪي سندس راهه تان ڪنڊا ڪاوا هٽائيندا هلن. ملڪ رياض مٿان طاقت، ڌئونس ۽ اثر رسوخ وسيلي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا الزام نوان ناهن، پنهنجي لاءِ هڪ سوفٽ اميج پيدا ڪرڻ لاءِ ميڊيائي ادارن کي کيسي ۾ رکڻ سان گڏ جيد صحافين جون فرمائشون پوريون ڪرڻ کان ويندي غريبن ۽ مسڪينن لاءِ دسترخوان وڇائي پاڻ کي فلنٿراپسٽ جو درجو ڏيارڻ تائين ملڪ رياض جا ڪم ڪنهن کان ڳجها ناهن. ان کان به اڳتي هلجي ته هن پنهنجي اداري ۾ ريٽائرڊ فوجين، ڪامورن لاءِ نوڪرين جا پرڪشش دروازا کولي رکيا. سڀني پاور سيڪٽرس تائين رسائي ملڪ رياض کي اهڙو ان ٽچ ايبل بڻائي ڇڏيو جو سپريم ڪورٽ ۾ جڏهن سنڌ جي زمينن تي غير قانوني قبضن جو ڪيس هليو ته اهو ثابت ٿيڻ باوجود به ته بحريه ٽائون غير قانوني طور تي زمينون هٿ ڪيون کيس سزا کان آجو رکي فقط ڏنڊ ڀرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو. توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ايسڪوبار تي جڏهن عدالت ۾ ڪيس هليو پئي ته هن ڪورٽ جي تحويل ۾ پيل پنهنجو سمورو ڏوهي رڪارڊ باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو هو ۽ ايسڪوبار انهي ڪيس مان بري ٿي نڪتو هو، جيتوڻيڪ خبر سڀني کي هئي ته اهو رڪارڊ ڪنهن ساڙايو آهي. اهو معجزو به فقط بحريه ٽائون ئي ڪري سگهندو آهي جو ڪنهن زمين جو وجود ئي نه هجي، اها کپائي ماڻهن کان پيسا اوڳاڙي وٺي. پنهنجي کيسي مان هڪ رپيو به نه لڳائي پر ماڻهن جا کيسا ڪٽي پورو پروجيڪٽ لڳائي ان مان فائدو به حاصل ڪرڻ جو هنر بحريه ٽائون جو ئي آهي. ڪيترن سائلن سان ٺڳيون ڪيون ويون آهن، ڪيترن جي سڄي عمر جي ڪمائي ڦٻائي وئي آهي تنهن جو داد فرياد ڪو ناهي. اڄ به اهي ماڻهو در در ڀٽڪندا وتن ٿا.
بحريه ٽائون کي سنڌ ۾ جيڪا زمين ڏياري وئي، تنهن ۾ سنڌ حڪومت بنا شڪ جي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي ته هر پريس ڪانفرنس ۾ ڪاوڙ ڪندو وتي ٿو ته عدالت ۾ پيل بحريه ٽائون جي ڏنڊ جي رقم سنڌ حڪومت کي ڇو نٿي ڏني وڃي پر سنڌ حڪومت جي ان ڪردار تي نٿو ڳالهائي جنهن وسيلي بحريه ٽائون اها زمين غير قانوني طور هٿ ڪئي. هينئر به بحريه ٽائون انتظاميه سنڌ ۾ قديم ڳوٺاڻن کي بي دخل ڪرڻ لاءِ جيڪو طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪري رهي آهي تنهن تي کانئس مذمت جا ٻه لفظ به نٿا نڪرن. اهو ڊرگ ڪارٽيلس ئي ڪندا هئا ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي جي علائقي تي قبضو ڪرڻو آهي هو طاقت ۽ هٿيارن جو استعمال ڪندا هئا، وائيٽ ڪالر بزنيس مين ايئن نه ڪندو آهي. سڄي سنڌ ان تي سراپا احتجاج آهي، عدالت مان اسٽي آيل آهي پر بحريه ٽائون انتظاميه جي انهي داداگيري تي سنڌ حڪومت فقط ايترو ڪيو آهي جو سيڪيورٽي گارڊز تي ڪيس داخل ڪرائي ڪجهه گارڊز گرفتار ڪيا آهن جهڙوڪر ان سان بحريه ٽائون انتظاميه جو ڪو تعلق ئي نه هجي. جڏهن ميڪسيڪو جي ڊرگ لارڊ ايل چاپو جي گرفتاري لاءِ حڪومت مٿان عوامي دٻاءُ وڌي ويندو هو ته کيس چيو ويندو هو ته هو پنهنجا ڪجهه ماڻهو گرفتاري لاءِ پيش ڪري ڇڏي، جن کي پريس آڏو آڻي عوامي احتجاج کي ماٺو ڪيو ويندو هو. پيسي ۽ طاقت جو اهو ڪاڪ ٽيل سنڌ جي قديم وسندين جي ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي رهيو آهي. هنن کي خبر آهي ته ڪهڙو ڪم ڪٿان، ڪيئن ٿيڻو آهي، ان تي ٿيندڙ گوڙ کي ڪيئن ماٺو ڪرڻو آهي، ڪنهن کي ڪيتري اگهه ۾ خريد ڪرڻو آهي، ڪنهن کي ڪيئن داٻو ڏيڻو آهي. ميڪسيڪو جي فيلڪس گيلارڊو جي عروج واري دور ۾ ڦٽي جو هن طاقت جي نشي ۾ امريڪا جي ڊرگ انفورسمينٽ جي ايجنٽ ايريڪ ڪمارينا کي بيدردي سان تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو، اهو ئي واقعو سندس زوال جو سبب بڻيو. اڄڪلهه بحريه ٽائون جنهن طاقت جي غرور ۾ سنڌي وسندين تي حملا ڪري رهيو آهي، ڪهڙي خبر؟