ديپيڪا پڊوڪون سميت سمورو پريوار ڪورونا ۾ مبتلا

0
223

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون سميت هن جو پورو خاندان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق ، اڳوڻي ڀارتي بيڊمنٽن رانديگر ۽ دپيڪا جي والد پرڪاش پڊوڪون ڪورونا وائرس جي ڪري بنگلور جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو، جڏهن ته اداڪاره جي ماءُ ۽ ڀيڻ ۾ پڻ ڪورونا جي تصديق ٿي. هاڻ ڀارتي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ديپيڪا پڊوڪون جي ڪورونا ٽيسٽ پڻ مثبت اچي چڪي آهي ۽ هوءَ بنگلور ۾ پنهنجي ماءُ جي گهر تي آهي. ديپيڪا پڊوڪون جي صحت بابت وڌيڪ تفصيل ظاهر نه ٿيا آهن، جڏهن ته هن جي مڙس اداڪار رنوير سنگهه کان به ڪا ڄاڻ نه ملي آهي. ٻئي پاسي پرڪاش پڊوڪون جي ويجهي دوست ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس طبعيت سڌرندڙ آهي ۽ کين ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ گهر منتقل ڪيو ويندو.