ديت ڏيڻ ڏوهه جو اعتراف آهي:ڄام اويس جي نااهلي لاءِ اسپيڪر کي نوٽيس

0
309
ديت ڏيڻ ڏوهه جو اعتراف

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي اسپيڪرڏانهن قانوني نوٽيس اماڻيو ويو آهي

قانوني نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ايم پي اي ڄام اويس گهرام ناظم جوکيو جي وارثن کي ديت جي رقم ادا ڪري چُڪو آهي

نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ديت جي رقم ادا ڪرڻ کانپوءِ ڄام اويس گهرام اسيمبلي ميمبر جي عهدي لاءِ نااهل ٿي چُڪو آهي، ڄام اويس ناظم جوکيو جو قتل ڪيو آهي، هاڻي هو صادق ۽ امين ناهي رهيو

قانوني نوٽيس موجب ڄام اويس گهرام کي نااهل قرار نه ڏنو ويو ته سپريم ڪورٽ وينداسين

واضح رهي ته عرب شڪارين کي پکين جي شڪار کان روڪڻ تي نوجوان ناظم جوکيو کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ ايم پي اي ڄام اويس گهرام سميت ٻيا نامزد هئا

جوابدارن ناظم جوکيو جي وارثن کي خون جي ديت جي رقم ادا ڪئي، جنهن بعد ناظم جوکيو جي بيواهه ۽ ٻين عدالت ۾ جوابدارن کي ڏوهه معاف ڪيو ۽ جوابدار بري ٿي ويا

هي به پڙهندا

شهيد ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو مٿان ڏيرن پاران مبينا تشدد

ناظم جوکيو قتل ڪيس: ايم پي اي ڄام اويس سوڌو 8 جوابدارن خلاف ترميمي فرد جرم لاڳو