سنجهورو (ن پ ا) ديا ڀيل قتل ڪيس: 58 ڏينهن بعد پوسٽ مارٽم ۽ ڊي اين اي رپورٽ ملڻ کانپوءِ پوليس جڊيشل مئجسٽريٽ سانگهڙ جي عدالت ۾ ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪري ڇڏيو، ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسر انسپيڪٽر اسحاق سنگراسي ٽائيم نيوز سان ڳالھه ٻولھه دوران دعويٰ ڪئي ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ ديا ڀيل جي قتل ۾ گرفتار ٿيل چئني جوابدارن جي رت جا جزا، قتل ۾ استعمال ٿيل اوزارن ڪهاڙي، بليڊ، ڏانٽي ۽ بڻڇي سان ميچ ڪري ويا آھن، جاچ آفيسر موجب ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ برآمد ٿيل ترپال سان به رت جا جزا ميچ ٿيا آھن، ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف ڊي ايس پي سنجهورو جاويد چانڊيو ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ جيڪا ميڊيڪل اصطلاح ۽ ٻولي آھي، اها في الحال اسان کي سمجھه ۾ نه پئي اچي، باقي ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڪجھه جوابدارن جي رت جا جزا ميچ ضرور ٿيا آھن، قتل ڪيس ۾ چار جوابدار ڀوپو روپو ڀيل، ڀوپو لوڻيو ڀيل، ڀاءُ ڏيارام عرف ڏيراج ڀيل ۽ ڏيراج جو پٽ ساجن ڀيل گرفتار آھن، ڪورٽ ۾ ڪيس جي حتمي چالان پيش ٿيڻ کانپوءِ صحيح طريقي سان معلومات ملي سگهندي ته ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوليس ڪهڙي طرح ڪيس ۾ جوابدارن کي ملوث ڏيکاريو آھي يا ڪهڙن جوابدارن جا جزا اوزارن سان ميچ ٿيا آھن، جوڊيشل مئجسٽريٽ حتمي چالان پيش ٿيڻ کانپوءِ ڪيس جي ايندڙ تاريخ 27 فيبروري مقرر ڪري ڇڏي آهي.